پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ملازمن بابت (ترميمي) بل 2025ع گڏيل طور منظور

اسلام آباد -02 ڊسمبر(اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ملازمن بابت (ترميمي) بل 2025ع مُتفقه طور تي منظور ڪيو ويو. ان بل جي منظوري کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ ملازمن جو تعداد موجوده قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي تعداد کان چؤڻ تي هوندو، موجوده ڪنهن ملازم کي نوڪري مان نه ڪڍيو ويندو جڏهن ته آئينده مقرر تعداد کان وڌيڪ ملازم ڀرتي نه ٿي سگهندا. …

اسلام آباد -02 ڊسمبر(اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ملازمن بابت (ترميمي) بل 2025ع مُتفقه طور تي منظور ڪيو ويو. ان بل جي منظوري کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ ملازمن جو تعداد موجوده قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي تعداد کان چؤڻ تي هوندو، موجوده ڪنهن ملازم کي نوڪري مان نه ڪڍيو ويندو جڏهن ته آئينده مقرر تعداد کان وڌيڪ ملازم ڀرتي نه ٿي سگهندا. پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نويد قمر قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ملازمن جو (ترميمي) بل  2025ع پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. وفاقي پارلياماني معاملن بابت  وزير طارق فضل چوڌري بل جي حمايت ڪئي. جنهن کان پوءِ اسپيڪر ايوان جي راءِ وٺڻ کان پوءِ مُتفقه طور بل منظور ڪري ورتو. ايم اين اي نويد قمر بل جي حوالي سان ايوان کي ٻڌايو ته اهو بل قومي اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي ۾ پيش ڪيو ويو هو. ان بل موجب هاڻي قومي اسيمبلي ۾ ملازمن جو تعداد ميمبرن جي مجموعي تعداد کان چؤڻ کان وڌيڪ نه هوندو. مستقبل ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته هتي مقرره تعداد کان وڌيڪ ڀرتي نه ٿيندي. هن چيو ته ان بل  کان پوءِ اسان يقيني بڻائينداسين ته ڪنهن جي به نوڪري ختم نه ٿئي پر آئينده ان پابندي تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. اسپيڪر سردار اياز صادق  چيو ته اسپيڪر جا اختيار گهٽايا ناهن ويا، فنانس ڪميٽي ۾ مشاورت جو عمل وڌايو ويو آهي. اسان خاطري ڪرايون ٿا ته هن وقت جيترا به ملازم آهن انهن مان ڪنهن کي به نوڪري مان نه ڪڍيو ويندو.  هن قومي اسيمبلي جي ملازمن کي ترقيون ڏيڻ لاءِ گريڊ 20  کان هيٺين درجي جي آفسرن جي ڊيپوٽيشن تي پابندي لڳائي ڇڏي. ايم اين اي شير افضل مروت چيو ته قومي اسيمبلي جي ملازمن جون پگهارون سڀ کان وڌيڪ آهن، اهو فرق ختم ٿيڻ گهرجي.