اقليتن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي بل 2025ع سان قيدي نمبر 804 کي ڪجھه نه ٿيندو: قانون ۽ انصاف وارو وزير

اسلام آباد - 02 ڊسمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آھي ته اقليتن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي بل 2025ع جي مخالف ڪندڙن کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته اھو اقليتن جي حقن جو بل آھي ان سان قيدي نمبر 804 کي ڪجھه نه ٿيندو، منھنجي ڳالھه تي يقين ڪيو. گذريل ڏينھن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران اقليتن جي حقن بابت …

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آھي ته اقليتن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي بل 2025ع جي مخالف ڪندڙن کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته اھو اقليتن جي حقن جو بل آھي ان سان قيدي نمبر 804 کي ڪجھه نه ٿيندو، منھنجي ڳالھه تي يقين ڪيو. گذريل ڏينھن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران اقليتن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي بل 2025ع جي منظوري دوران مخالفت ڪندڙن ۽ نعريبازي ڪندڙ ميمبرن سان مخاطب ٿيندي قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ھي ٻيو قانون آھي ان جو اثر قيدي نمبر 804 تي نه پوندو.