محترمه بينظير ڀٽو شهيد 2 ڊسمبر 1988ع تي 35 سالن جي عمر ۾ وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد 2 ڊسمبر 1988ع تي 35 سالن جي عمر ۾ وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو ۽ اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم بڻجي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جي ڏينهن 36 سال اڳ 11 سالن جي مارشل لاء ۽ آمريت کانپوءِ …

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد 2 ڊسمبر 1988ع تي 35 سالن جي عمر ۾ وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو ۽ اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم بڻجي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جي ڏينهن 36 سال اڳ 11 سالن جي مارشل لاء ۽ آمريت کانپوءِ پاڪستان ۾ جمهوري حڪومت بحال ٿي، 35 سالا بينظير ڀٽو جي سربراهي ۾ جمهوريت جي واپسي جو سفر شروع ٿيو. صدر چيو ته ان ڏينهن قوم ۾ اميد جي نئين لهر ڊوڙ ۽ عورتن ۽ نوجوان طبقي ۾ سياسي شرڪت جي خواب کي هٿي وٺرائڻ جو پيغام مليو. صدر آصف علي زرداري چيو ته بينظير ڀٽو پاڪستان جي سڀ کان گهٽ عمر وزيراعظم بڻجي عوامي حڪومت، جمهوريت ۽ برابري جي عزم کي سگهه ڏني.