اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۾ هٿياربند حملي ۾ اتر وزيرستان جي اسسٽنٽ ڪمشنر سميت چئن ڄڻن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت ڪندي شهيدن جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر دهشتگرد حملي جي سخت مذمت …
صدر پاران بنون ۾ هٿياربند حملي ۾ اتر وزيرستان جي اسسٽنٽ ڪمشنر سميت چئن ڄڻن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۾ هٿياربند حملي ۾ اتر وزيرستان جي اسسٽنٽ ڪمشنر سميت چئن ڄڻن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت ڪندي شهيدن جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ملڪ مان ٻاهرئين پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگردن جو مڪمل خاتمو قومي اتفاق راءِ سان ڪيو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي لاڳاپيل ادارن کي حملي آوارن جي فوري گرفتاري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.











