ڀارت پاڪستان مان سريلنڪا کي انساني امداد جي فراهمي جي روڪ جاري رکيو اچي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت پاڪستان مان سريلنڪا کي انساني امداد جي فراهمي جي روڪ جاري رکيو اچي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته سريلنڪا جي لاءِ پاڪستان مان انساني امداد ويندڙ خصوصي جهاز کي 60 ڪلاڪن کان وڌيڪ دير کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جيڪو هاڻي ڀارت مان فلائيٽ ڪليئرنس جو منتظر آهي. ترجمان …

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت پاڪستان مان سريلنڪا کي انساني امداد جي فراهمي جي روڪ جاري رکيو اچي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته سريلنڪا جي لاءِ پاڪستان مان انساني امداد ويندڙ خصوصي جهاز کي 60 ڪلاڪن کان وڌيڪ دير کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جيڪو هاڻي ڀارت مان فلائيٽ ڪليئرنس جو منتظر آهي. ترجمان چيو ته گذريل رات ڀارت پاران 48 ڪلاڪن کانپوءِ جاري ڪيل جزوي فلائيٽ ڪليئرنس رڳو ڪجهه ڪلاڪن جي لاءِ وقت جي پابندي ۽ واپسي جي اڏام جي لاءِ درستگي کانسواءِ عملي طور تي ناقابل عمل هئي جنهن جي نتيجي ۾ سريلنڪا جي ڀائر عوام جي لاءِ ان فوري امدادي مشن ۾ شديد رڪاوٽ آهي.