اسلام آباد-02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن جي موقعي تي يو اي اي جي قيادت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ 'ايڪس' تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان پنهنجي تاريخي ۽ پُراڻي ڀائيواري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪا گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ ٻنهي …
پاڪستان گڏيل عرب امارات سان پنهنجي تاريخي ۽ پُراڻي ڀائيواري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد-02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن جي موقعي تي يو اي اي جي قيادت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ‘ايڪس’ تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان پنهنجي تاريخي ۽ پُراڻي ڀائيواري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪا گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ گهري لاڳاپن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ متحرڪ پاڪستاني برادري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ فخر پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ گڏيل عرب امارات جي ترقي ۽ ڪاميابي لاءِ سرگرم آهي. وزيراعظم چيو ته شيخ محمد بن زايد النهيان جي بصيرت واري قيادت ۾ گڏيل عرب امارات ترقي، جديديت ۽ عالمي سطح تي هڪ اهم مقام حاصل ڪيو آهي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو يوندو ۽ ٻطرفي ڀائيواري کي ٻنهي ملڪن جي روشن ۽ خوشحال مستقبل لاءِ فروغ ڏنو ويندو.











