پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي قدرن ۽ گڏيل اعتماد جي بنياد تي قائم آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد-02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي قدرن ۽ گڏيل اعتماد جي بنياد تي قائم آهن، ٻئي ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم رهندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن جي موقعي تي …

اسلام آباد-02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي قدرن ۽ گڏيل اعتماد جي بنياد تي قائم آهن، ٻئي ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم رهندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن جي مبارڪ موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيڻ منهنجي لاءِ اعزاز جوڳو آهي، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا ٻطرفا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل خيرسگالي جي تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاءِ فخر جو سبب آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا لاڳاپا گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي قدرن ۽ اڻٿڪ گڏيل اعتماد جي مضبوط بنياد تي قائم آهن، اهو بنياد عظيم رهبر مرحوم شيخ زايد بن سلطان آل نهيان جي دُور انديش قيادت ۾ رکيو ويو ۽ ان وقت کان هيستائين امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد آل نهيان ۽ امارات جي وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد آل مڪتوم جي سرپرستي ۾ مستحڪم طور تي جاري آهن ۽ اڳتي به اسان جا ٻئي ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم رهندا. هن چيو ته اقتصادي، ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ دفاع جي شعبن ۾ اسان جو تعاون ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي جون راهون هموار ڪندو رهندو، اسان جي ٻنهي عوام جي وچ ۾ محبت ۽ گرمجوشي ٻنهي طرف موجود گڏيل الفت جو روشن ثبوت آهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات جي قيادت سان پنهنجي مضبوط ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ان سلسلي ۾ گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني بنا ڪنهن شڪ جي ٻنهي ملڪن جي دوستي کي مضبوط بڻائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن دعا ڪئي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا اڳتي به مضبوط کان مضبوط تر ٿين. وزيراعظم چيو ته هن خصوصي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم گڏيل عرب امارات جي لاءِ پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعاڳو آهي.