اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽ ۾ هن تاثر کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، ته حڪومت آءِ ايم ايف جي گورننس ۽ ڪرپشن ڊائيگناسٽڪ اسيسمينٽ رپورٽ جي ڇپائي ۾ دير ڪئي يا ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته رپورٽ جي جاري ٿيڻ کان اڳ ان جو جامع جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ وڏي مشاورت شامل هئي. سينيٽ …
ناڻي واري وفاقي وزير آءِ ايم ايف رپورٽ جي ڇپائي کي روڪڻ وارو تاثر رد ڪري ڇڏيو
اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽ ۾ هن تاثر کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، ته حڪومت آءِ ايم ايف جي گورننس ۽ ڪرپشن ڊائيگناسٽڪ اسيسمينٽ رپورٽ جي ڇپائي ۾ دير ڪئي يا ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته رپورٽ جي جاري ٿيڻ کان اڳ ان جو جامع جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ وڏي مشاورت شامل هئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ طرفان پيش ڪيل رٿ تي بحث سهيڙيندي ناڻي واري وزير ايوان کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ ڪرپشن کي ترقي جي راهه ۾ سنگين رڪاوٽ قرار ڏنو ويو. جڏهن ته ان جي ڇپائي ۾ دير جون دعوائون غير منتقي آهن. هن چيو ته نجي شعبي مان آيو آهيان جڏهن ڪا رپورٽ جاري ٿئي ته ان کي لاڳاپيل ادارن کي موڪليو ويندو آهي، فيڊ بيڪ ورتي ويندي آهي، ڪجهه نقطا شامل هوندا آهن ۽ ڪجهه نقطا رد ڪيا وڃن ٿا هي عمل 2 کان اڍائي مهينا به وٺي سگهي ٿو. هتي به طريقيڪار اهو ئي اختيار ڪيو ويو اٽڪل 100 اجلاس ٿيا، 30 ادارا شامل هئا، تفصيلي مشاورت کان پوءِ رپورٽ جاري ڪئي وئي. هن واضح ڪيو ته حڪومت پوري عمل ۾ مڪمل سپورٽ فراهم ڪئي ۽ رپورٽ نه شايع ڪرڻ جي ڪا وجهه موجود ئي نه هئي. وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت مختلف نظامن جي ڊجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ليڪيج کي گهٽائي سگهجي ۽ انساني مداخلت هٽائي ڪرپشن تي ضابطو آڻي سگهجي. جيئن جيئن انساني عمل گهٽ ٿيندو آهي ته ڪرپشن به گهٽ ٿيندي آهي. هن گورننس ۾ بهتري، فني وزارتن جي سگهه ۽ آفيسرن جي پگهارن جي ڍانچي بابت نقطن جي تائيد ڪئي ۽ چيو ته هي معاملا سول سروس رفارمرز ڪميٽي جي غور هيٺ آهن، جنهن جي سربراهي رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ڪري رهيو آهي، جڏهن ته هو پاڻ به ان جو ميمبر آهي. ناڻي واري وزير ٽيڪس سڌارن تي بريفنگ جي تجويز جي حمايت ڪندي چيو ته ايوان جي خواهش تي ايف بي آر جي چيئرمين ماڻهن، طريقيڪار، ٽيڪنالاجي ۽ تبديلي بابت هڪ جامع پريزنٽيشن ڏئي سگهي ٿو جيڪو اڳ ئي سفارتخانن، پاڪستان بزنس ڪائونسل، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ ترقياتي حصيدارن کي ڏني وئي آهي. هن بڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ذاتي طور تي ڪيش ليس ۽ ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن جي نگراني ڪري ڪري رهيو آهي. جنهن لاءِ ڊسمبر 2025، جون 2026 ۽ ڊسمبر 2026ع جون واضح ٽائيم لائنز مقرر آهن ۽ حڪومت ايوان جي خواهش تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي. بحث ۾ سينيٽرز ڄام صفي الله خان ۽ محمد عبدالقدير به حصو ورتو. ۽ گورننس جي خامين، ٽيڪس انتظاميه جي ڪمزورين ۽ اداره جاتي سڌارن جي فوري ضرورت تي زور ڀريو. پارليامينٽ جي ميمبرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪرپشن جو خاتمو ۽ گورننس کي مضبوط بنائڻ عوامي اعتماد جي بحالي ۽ پاڪستان جي معاشي رخ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي.











