اسلام آباد -01 ڊسمبر 25 (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف ۽ شهيد بينظير ڀٽو ملڪ جي لاءِ ميثاق جمهوريت ڪيو جنهن کانپوءِ سياسي عمل بحال ٿيو، اسان پي ٽي آءِ دور جون تخليون برداشت ڪيون، جيل ۾ ملاقات ملڪي ادارن جي خلاف سازشن جي لاءِ نه قانوني معاملن جي لاءِ ٿيندي آهي، …
مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف ۽ شهيد بينظير ڀٽو ملڪ جي لاءِ ميثاق جمهوريت ڪيو، اسان پي ٽي آءِ دور جون تخليون برداشت ڪيون: عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد -01 ڊسمبر 25 (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف ۽ شهيد بينظير ڀٽو ملڪ جي لاءِ ميثاق جمهوريت ڪيو جنهن کانپوءِ سياسي عمل بحال ٿيو، اسان پي ٽي آءِ دور جون تخليون برداشت ڪيون، جيل ۾ ملاقات ملڪي ادارن جي خلاف سازشن جي لاءِ نه قانوني معاملن جي لاءِ ٿيندي آهي، غيرقانوني ڊيمانڊ ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان جي تحقيق سٺي هوندي آهي، سندس تقرير مان اسان گهڻو ڪجهه سکيو آهي ته پارلياماني عمل کي ڪيئن اڳتي وڌائڻو آهي، هينئر به هن پاڪستان جو جهنڊو پنهنجي سيني تي لڳائي رکيو آهي، سندس تمام گهڻي قدر آهي، پر هي سليڪيٽو ميموري ڇو آهي؟ علي محمد خان جيل ۾ ملاقات جو ذڪر ڪيو پر اهو ڇو نه ٻڌايو ته سندس ليڊر ٻاهرئين ملڪ بيهي چوندو هو ته ”آئون انهن جي اي سي لاهي ڇڏيندس، مون شاهد خاقان عباسي کي جيل ۾ وڌو.“ عطاءُ الله علي محمد خان جي پڙهيل شعر جي جواب ۾ شعر پڙهيو ”يه وقت ڪسي ڪي رعونيت په خاڪ ڊال گيا، يه ڪون بول رها تها خدا ڪي لهجي مين.“ هن چيو ته چادر ۽ چارديواري جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي روايت به انهن جي دور ۾ وڌي وئي. هن چيو ته اسان جي پيپلزپارٽي سان سياسي تلخي ضرور آهي پر ان جي باوجود محمد نواز شريف ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو گڏجي ميثاق جمهوريت طئي ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ جمهوري عمل بحال ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پي ٽي آءِ جي دور جون تلخيون برداشت ڪيون، ڪنهن چيو هو ته فلاڻي جي ڀيڻ ڌيءَ کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهي ڇڏيو؟ ڪنهن صبح شام گرفتارين جون فهرستون طلب ڪيون؟ هي اهي ماڻهو هئا جيڪي بار بار جيل انتظاميا کان پڇندا هئا ته ڪٿي کاڌو ته ناهي ملي ويو، ڪا دوا ته فراهم ناهي ٿي وئي. هن چيو ته اڄ بدنام زمانه شهزاد اڪبر هتي موجود نه آهي، اسان ان وقت به چوندا هئاسين ته اهڙن ماڻهن سياسي ماحول ۾ شديد تلخيون پيدا ڪيون آهن ۽ اهي ئي ماڻهو سڀ کان پهرين ملڪ مان فرار ٿيندا جڏهن ته سختيون ٻين کي برداشت ڪرڻيون پونديون ۽ اڄ اها ڳالهه سچ ثابت ٿي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن اهي ماڻهو تلخين کي هوا ڏئي رهيا هئا ۽ پارليامينٽ جي اداري تي حملي آور ٿيا ته ان دوران اپوزيشن جي پوري صف جيلن ۾ بند هئي جڏهن ته وزيراعظم هائوس جي اندر روزانو اجلاس ٿيندا هئا. هن چيو ته جيل ۾ ملاقات جو مقصد قانوني مشاورت هوندي آهي، اهو ناهي هوندو ته پاڪ فوج جي خلاف ڳالهه ڪندڙن کي ٿپڪي ڏني وڃي، نه ئي ان جو مقصد اهو هوندو آهي ته ملڪي ادارن کي ڀارت جي ٽي وي چينلز تي ويهي بدنام ڪيو وڃي. هن چيو ته جيل ۾ ملاقات ان لاءِ ناهي ٿيندي ته شهيدن جي توهين ڪئي وڃي يا سوشل ميڊيا تي فوج ۽ قومي سلامتي جي ادارن جي خلاف مهم هلائي وڃي. هن چيو ته جيل ۾ ملاقات جو مينوئل موجود آهي، ان جي لاءِ غيرقانوني ڊيمانڊ ڪڏهن به پوري نه ٿيندي.











