آبادي ۾ واڌ سان معيشت تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي: وفاقي وزيرن جو پاپوليشن سمٽ کي خطاب

اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن چيو آهي، ته آبادي ۾ واڌ سان معيشت تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جڏهن ته وڌندڙ آبادي پاڪستان جي ڊگهي مدي جي معاشي استحڪام لاءِ خطرو آهي، اهڙو اظهار هنن پاپوليشن سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزيرن، عالمي نمائندن ۽ ماهرن آبادي ۾ بي لگام واڌ کي پاڪستان جي وڏين چئلينجز مان هڪ قرار ڏنو. پاپوليشن سمٽ ۾ آبادي، معيشت، …

اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن چيو آهي، ته آبادي ۾ واڌ سان معيشت تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جڏهن ته وڌندڙ آبادي پاڪستان جي ڊگهي مدي جي معاشي استحڪام لاءِ خطرو آهي، اهڙو اظهار هنن پاپوليشن سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزيرن، عالمي نمائندن ۽ ماهرن آبادي ۾ بي لگام واڌ کي پاڪستان جي وڏين چئلينجز مان هڪ قرار ڏنو. پاپوليشن سمٽ ۾ آبادي، معيشت، ڪلائميٽ چئينج ۽ هيومن ڊولپمينٽ جي حوالي سان اهم نقطن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي سينيٽر شيري رحمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آبادي جو مسئلو پاڪستان جي مستقبل سان جڙيل آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي ۽ بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ آهي. هنن چيو ته اسان کي ڏسڻو پوندو ته ڪيترائي ٻار بک ۽ تعليم کان محرومي جو شڪار آهن. شيري رحمان چيو ته هر سال ڏيڍ ملين نوان روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي،  جڏهن ته آبادي م واڌ سان معيشت تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب م چيو ته پاڪستان تاريخ جي اهم ترين ڊيموگرافڪ پوائنٽ تي بيٺل آهي. هن چيو ته ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي، 30 سالن کان گهٽ عمر جي آهي، 7 ضلعن ۾ ٻارن ۾ اسٽنٽنگ جي شرح 50 سيڪڙو کان وڌيڪ  آهي. هن چيو ته آبادي تيزي سان واڌ پاڪستان جي ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام لاءِ خطرو آهي. هن بڌايو ته حڪومت فيملي پلاننگ ۽ هيومن ڊولپمينٽ ڪيپيٽل تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان سامهون ٻه وڏا چئلينجز ڪلائميٽ چينج ۽ آبادي آهن. هن چيو ته عالمي مالياتي ويهڪن ۾ به کيس ڪلائميٽ اثرن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوي ٿي.  ڇاڪاڻ ته معيشت سڌي ريت موسمياتي بحران سان متاثر ٿئي ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته مضبوط پاليسي ۽ ان تي عملدرآمد ئي مسئلن جو حل آهي. برٽش هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ چيو ته پاڪستان جي آبادي 2.5 سيڪڙو جي سالياني شرح سان وڌي رهي آهي. 2050ع تائين ملڪ کي 6 ڪروڙ 80 لک نوڪريون پيدا ڪرڻيون پونديون. ٻن ڏهاڪن ۾ هڪ لک 50 هزار نوان اسڪول گهربل هوندا. هن زور ڀريو ته فيملي پلاننگ، عورتن جي صحت ۽ ڀلائي جي شعبن م تيزي آڻڻ ضروري آهي ۽ ان لاءِ سياسي عزم اڻٽر آهي.