سنڌ ڪابينا پاران ڪراچي ۾ پاڪستان رينجرز جي مقرري ۾ هڪ سال جي واڌ جي منظوري

ڪراچي-01 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزير اعليٰ هائوس ۾ ٿيل سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ 27 نقطن واري ايجنڊا تي غور ڪيو ويو جن ۾ ٿر ڪوئل فيلڊ کان ڇوڙ تائين ريلوي لائن جي تعمير لاءِ 6.6 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري، سولر پروجيڪٽ ۾ مبينه فراڊ ۾ ملوث ڪمپني کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جا حڪم ۽ برائون فِيلڊ سائيٽس کي ڪاربان فنانس ۽ ماحول …

ڪراچي-01 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزير اعليٰ هائوس ۾ ٿيل سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ 27 نقطن واري ايجنڊا تي غور ڪيو ويو جن ۾ ٿر ڪوئل فيلڊ کان ڇوڙ تائين ريلوي لائن جي تعمير لاءِ 6.6 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري، سولر پروجيڪٽ ۾ مبينه فراڊ ۾ ملوث ڪمپني کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جا حڪم ۽ برائون فِيلڊ سائيٽس کي ڪاربان فنانس ۽ ماحول دوست ٽيڪنالاجيز ذريعي ٻيهر استعمال جي قابل بڻائڻ جي منظوري شامل هئي. ڪابينا ڪراچي ۾ پاڪستان رينجرز جي مقرري ۾ هڪ سال جي واڌ جي منظوري پڻ ڏني جڏهن ته ڊيفنس هائوسنگ اٿارٽي لاءِ پاڻي جي قيمت 0.75 رپيا في گيلن ۾ گهٽائي ڪري قيمت 0.60 رپيا في گيلن مقرر ڪئي وئي. اجلاس ۾ لوڪل گورنمينٽ جي کاتي پاران ڊي ايڇ اي لاءِ پاڻي جي قيمت ۾ تبديلي جي تجويز ڪابينا آڏو پيش ڪئي وئي. پهريان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن 0.85 رپيا في گيلن قيمت مقرر ڪئي هئي جنهن کي صوبي جي حڪومت جي 10.566 ارب رپين جي قرض جي مدد جي شرط طور منظور ڪيو ويو هو. وڌيڪ ڳالهين کان پوءِ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ، ڊي ايڇ اي لاءِ پاڻي جي قيمت 0.60 رپيا في گيلن تجويز ڪئي جڏهن ته ادائيگي جو 10 سالن وارو شيڊول برقرار رکيو ويو. ڊي ايڇ اي اڳ ۾ ئي پاڻي 0.75 رپيا في گيلن جي شرح سان باؤزرز ذريعي خريد ڪري رهي هئي تنهنڪري نئين قيمت کي برداشت جوڳو ۽ مالي طور تي پائيدار قرار ڏنو ويو. ڪابينا نئين قيمت 0.60 رپيا في گيلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا رڪارڊ آف رائيٽس جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ زمين جي اي ٽرانسفر جي انقلابي منصوبي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. هي منصوبو بورڊ آف ريونيو جي قيادت هيٺ هوندو جڏهن ته سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ڊجيٽل لينڊ رڪارڊ جو سسٽم تيار ڪندي ۽ ان جي تياري ۽ عمل جي مڪمل ذميواري سنڀاليندي. موجوده زمين جي سڀني رڪارڊن جي تصديق ڪري نئين سر لکي ويندي. سموري رڪارڊ کي بلاڪ چين تي ٻڌل ڊيٽابيس ۾ منتقل ڪيو ويندو. مستقبل ۾ سڀني زمينن جا ٽرانسفر مڪمل طور تي آن لائن ۽ ڊجيٽل هوندا. نئين سنڌ لينڊ رڪارڊز اٿارٽي هن نظام جي نگراني ڪندي ايف بي آر. نادرا ۽ جي آي ايس ميپنگ سان انضمام ٿيندو. شهري پنهنجا دستاويز آن لائن اپ لوڊ ڪندا، بائيو ميٽرڪ تصديق ذريعي سڃاڻپ ڪندا، ۽ فيس ادا ڪرڻ کان پوءِ انهن کي ڊجيٽل لينڊ ٽائيٽل جاري ڪيو ويندو. ڪابينا هدايت ڪئي ته لاڳاپيل قانونن ۾ تبديلين جو مسودو تيار ڪري ڪابينا ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ زمين جي ڊجيٽل رجسٽريشن جو عمل قانوني طور تي ممڪن ٿي سگهي. اهو پڻ تجويز ڪيو ويو ته روايتي فائل جي جاءِ تي ڊجيٽل پراپرٽي ڪارڊ جاري ڪيو ويندو جنهن ۾ هڪ ڊجيٽل ايس آئي ايم شامل هوندي جيڪا ملڪيت جا سڀ تفصيل مهيا ڪندي. ڪابينا کي اسلام ڪوٽ- شور ريلوي لائن، بن قاسم ۽ پورٽ قاسم وچ ۾ ڊبل ٽريڪ، ۽ تجويز ڪيل ڪوئلو جي لوڊنگ سهولت بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. منصوبي جي پي سي ون پهريان 53 ارب رپيا هئي جيڪا هاڻي وڌي ڪري 90 ارب رپين کان وڌي چڪي آهي. وفاقي حڪومت پنهنجو حصو 18.7 ارب رپيا جاري ڪري چڪي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪابينا جي منظوري سان ناڻي کاتي کي 6.610 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ مستقبل ۾ ضرورت مطابق وڌيڪ فنڊ جي فراهمي جو اشارو ڏنو.ورلڊ بينڪ جي مدد سان هلندڙ سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ، جيڪو جولاءِ 2025 ۾ مڪمل ٿيڻ وارو آهي تقريباً مڪمل بجيٽ استعمال ڪرڻ باوجود سنگين مسئلن جو شڪار رهيو. منصوبي جا ڪيترائي بنيادي مقصد جهڙوڪ سولر پارڪس جي تعمير، سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي سولر روف ٽاپ سسٽم لڳائڻ ۽ گهرن کي سولر ڪٽس فراهم ڪرڻ مڪمل نه ٿي سگهيا. سولر منصوبو 18.8 ارب رپين جي ماليت وارو هي وڏو منصوبو صوبي جي غريب خاندانن کي 2.5 لک مفت سولر ڪٽس فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. آف گرڊ علائقن (جتي بجلي موجود ناهي) ۽ آن لائين گرڊ علائقن (جتي بجلي آهي پر گهٽ لوڊ شيڊنگ وارا غريب صارف) انهن ۾ سولر ڪٽ تحت هر گهر کي هڪ مڪمل سولر سسٽم ڏنو ويندو جنهن ۾ سولر پينل، بيٽري، چارج ڪنٽرولر، فين، ليڊ لائٽس ۽ موبائل چارجنگ پورٽس شامل آهي . اها ورڇ اين آر ٽي سي اي جي سربراهي ۾، اين جي اوز جي مدد سان ٿيندي. درخواست ڏيندڙن کان حلف نامو ورتو ويندو جيڪڏهن درخواستون ڪٽس کان وڌيڪ هجن ته اليڪٽرانڪ بيلٽنگ ذريعي شفاف طريقي سان چونڊ ڪئي ويندي. اڳ ۾ ڪنهن سرڪاري سولر اسڪيم مان فائدو حاصل ڪندڙ خاندان شامل نه هوندا. هڪ مرڪزي ڊيٽابيس ۽ موبائل ايپ ذريعي ڪٽس جي حقيقي وقت نگراني ڪئي ويندي. هڪ اعليٰ سطح جي اسٽيئرنگ ڪميٽي نگراني ڪندي. سڄو عمل سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن سان گڏ بهتر نظم و نسق ۽ جوابدهي جي معيار مطابق هلي رهيو آهي. هي منصوبو صوبي جي سڀني کان غريب خاندانن تائين قابل اعتماد، صاف ۽ مفت توانائي پهچائڻ جي اهم ڪوشش آهي، جيڪا سخت شفافيت جي معيارن تحت نافذ ڪئي پئي وڃي. سنڌ ڪابينا هڪ ماحولياتي منصوبي جي منظوري ڏني، جنهن تحت عرصي کان نظرانداز ٿيل ۽ آلودہ برائون فِيلڊ علائقن کي جديد، ماحول دوست طريقن سان ٻيهر استعمال لائق بڻايو ويندو. ماحوليات کاتو، وزارت ماحولياتي تبديلي جي مدد سان، اهڙين بيڪار ۽ آلودہ زمينن جي نشاندهي ڪئي آهي، جن کي مؤثر طريقي سان ڊولپ ڪري سگهجي ٿو. توانائي کاتو پراڻين صنعتي زمينن کي سولر پارڪس ۽ ونڊ فارمز ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿو، جڏهن ته کوڙ ۽ پراڻا ڊمپنگ گرائونڊز کي بائيو گيس ۽ ويٽس ٽو انرجي پلانٽس ۾ تبديل ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي. جنگلات کاتو انهن علائقن ۾ نئين وڻڪاري، جنگلات ۽ ويٽ لينڊس قائم ڪري سبز رنگ وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو. سنڌ ڪابينا پنهنجي رولز آف بزنس ۾ اهم تبديليون منظور ڪيون ته جيئن ماحول ۽ موسمي تبديلي سان لاڳاپيل نئين قائم ٿيل ادارن کي سرڪاري شيڊولز ۾ باقاعده شامل ڪري سگهجي. سنڌ اينوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي، سنڌ اينوائرنمينٽل پروٽيڪشن ٽريبونل ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪلائميٽ چينج اينڊ ڪاربان فنانس (جيڪو هاڻي ضم ٿيل آهي) کي شيڊول-I ۾ منسلڪ ادارن طور شامل ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي، جيڪا خودمختيار آهي، کي شيڊول-II ۾ رکيو ويو. انهن تبديلين جو مقصد ادارن جي آئيني حيثيت کي مضبوط ڪرڻ، انتظامي ڍانچي کي واضح ڪرڻ ۽ مستقبل جي ماحولياتي منصوبن لاءِ مؤثر فريم ورڪ مهيا ڪرڻ آهي. سنڌ مضاربہ کي اسلامي فنانسنگ لاءِ 2 ارب رپيا جي منظوري ،سنڌ مضاربہ، جيڪا 2013 ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اعزاز ۾ قائم ڪئي وئي، اسلامي مالي شعبي ۾ مسلسل ترقي ڏيکاري رهي آهي. وقت سان گڏ سرڪاري سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ ان جو ادائيگي ٿيل سرمايو 1.5 ارب رپيا تائين پهچي چڪو آهي. گذريل ٽن سالن ۾ ادارن جا اثاثا 1.778 ارب رپيا کان وڌي 2.065 ارب رپيا ٿي ويا، جڏهن ته ايڪويٽي 1.722 ارب رپيا کان وڌي 1.992 ارب رپيا تائين پهچي وئي. اسلامي فنانسنگ پورٽ فوليو پڻ وڌي چڪو آهي جيتوڻيڪ ٽيڪس کان اڳ منافعو گهٽجي ويو جيڪو مرڪزي بينڪ جي وڏي پاليسي ريٽ جي گهٽتائي سبب ٿيو. سنڌ مضاربہ نان پرفارمنگ قرضن جي شرح تمام گهٽ، يعني 1.26 سيڪڙو برقرار رکي ۽ رڪارڊ رڪوريون حاصل ڪيون. ادارن پنهنجي فنڊز جي استعمال ۾ واڌ ڪئي جنهن ۾ گهڻو ڪري زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي، جڏهن ته صحت، ڪيميڪل، ٽيڪسٽائل ۽ اسٽيل شعبن ۾ پڻ فنانسنگ فراهم ڪئي وئي. ڪمپني گذريل 8 سالن کان مسلسل اعليٰ ڪريڊٽ ريٽنگز اي پلس ۽ اي ون برقرار رکيو. سنڌ حڪومت کي منافعو ڏيڻ، ٻوڏ متاثرين لاءِ انساني مدد ۽ مسلسل رڪارڊ رڪوريون. تازو سال ۾ ادارن رڪارڊ 1.518 ارب رپيا جي فنانسنگ فراهم ڪئي جڏهن ته گذريل سال صرف 274 ملين رپيا هئي. ڪابينا سنڌ مضاربہ لاءِ 2 ارب رپيا ايڪويٽي (2025-26 ۾ 1 ارب ۽ 2026-27 ۾ وڌيڪ 1 ارب) جي منظوري ڏني، جنهن سان منافعو، پورٽ فوليو سائيز، ۽ ادارتي صلاحيت ۾ مستقل اضافو متوقع آهي، جنهن ۾ نيون شاخون، وڌيڪ اسٽاف ۽ بهتر ريزروز شامل آهن. گھرو کاتي دهشتگردي جي خاتمي بابت ايڪٽ 1997 تحت ڪراچي ڊويزن ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي مقرري ۾ توسيع بابت سمري پيش ڪئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته رينجرز هن وقت سنڌ پوليس کي قانون نافذ ڪرڻ ۾ مدد لاءِ مقرر آهي ۽ انهن کي دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت دهشتگردي ۽ پرتشدد ڏوهن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل قانوني اختيار حاصل آهن. غور ويچار کانپوءِ ڪابينا گھرو کاتي کي ڪراچي ڊويزن ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي مقرري ۾ هڪ سال جي وڌيڪ توسيع لاءِ درخواست جي منظوري ڏني، جيڪا 9 ڊسمبر 2025 کان نافذ ٿيندي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 20 نومبر 2025 جي اجلاس ۾ ايجوڪيشن سٽي لينڊ الاٽمينٽ رولز ۽ ايجوڪيشن سٽي ريگيوليشنز جي اصولي منظوري ڏني وئي، ۽ دستاويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پنج رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي. ڪميٽي 27 نومبر 2025 تي گڏ ٿي، جتي رولز ۽ ريگيوليشنز جو جائزو ورتو ۽ صحيح قرار ڏنو. وڌيڪ هدايت ڏني وئي ته صوبو سنڌ پاران سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ لاءِ موجوده شرطن کي باقاعده طور تي ايجوڪيشن سٽي بورڊ پاران اختيار ڪيو وڃي. ڪميٽي جي اجلاس جون منظور ٿيل ڪارروائيون ڪابينا جي سامهون پيش ڪيون ويون، جن تي ڪابينا فيصلن جي تصديق ڪري ڇڏي. سنڌ ڪابينا ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ گرين ڪلائميٽ فنڊ جي مدد سان تيار ڪيل سنڌ ڪوسٽل ريزيلينس سيڪٽر پروجيڪٽ جي مالي معاهدن جي باضابطه منظوري ڏني. هي هڪ اهم سنگ ميل آهي جيڪو ڪامياب قرضي ڳالهين کان پوءِ منصوبه کي اڳتي وڌائي ٿو. قرضي ڳالهين ۾ 180 ملين ڊالرز قرض ۽ گرانٽ شامل هئا، جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران 20 ملين ڊالرز بطور هم سيڙپ فراهم ڪئي ويندي. ايس سي آر ايس پي منصوبو آبپاشي ۽ جنگلات ۽ وائلڊ لائف ڊپارٽمينٽ جي گڏيل عملي سان نافذ ٿيندو جنهن جو مقصد ساحلي علائقن جي لچڪ کي بهتر بڻائڻ آهي. هي مربوط نظام پاڻي، نيڪال ۽ ٻوڏ جي انتظام جا منصوبه شامل آهي جڏهن ته ساحلي تحفظ لاءِ تمر ۽ مقامي قسمن جا وڏا ٻوٽا لڳايا ويندا. منصوبو 31 ڊسمبر 2031 تائين مڪمل ڪيو ويندو. عالمي مالي انتظامن ۾ اي ڊي پي جو 20 ساله رعايتي قرض، جي ايف ايف جو 30 ساله ٻُڙي وياج وارو قرض، ۽ جي سي ايف جي غير واپسي گرانٽ شامل آهي. هي معاهدو 7 نومبر 2025 تي ٿيل ڳالهين ۾ طئي ڪيو ويو. ڪابينا جي منظوري بعد ايس سي آر ايس پي هاڻي تفصيلي طور لاڳو جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي جيڪو سنڌ ۾ پائيدار ساحلي ترقي جي مجموعي حڪمت عملي جو اهم حصو آهن.اجلاس ۾ صوبي جي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں