ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ رهڻ، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. اسلام آباد، پوٺوهار خطي ۽ خيبر پختونخوا  جي ميداني علائقن ۾ …

اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ رهڻ، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. اسلام آباد، پوٺوهار خطي ۽ خيبر پختونخوا  جي ميداني علائقن ۾ صبح جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي رهي. جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇائنيل رهيو. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد اسڪردو ۾ ڪاٽو 10،گلگت، قلات ۾ ڪاٽو 06، ڪوئيٽا، ليه ۾ ڪاٽو 05، بابوسر ۽ گوپس ۾ ڪاٽو 04 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.