اسلام آباد -01 ڊسمبر 25 (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پرڏيهي آفيس ۾ ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي ۽ جاري اعليٰ سطحي رابطن جي آجيان ڪندي اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، زرعي ۽ عوامي سطح تي رابطن کي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر طارق علي خان جي ملاقات
اسلام آباد -01 ڊسمبر 25 (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پرڏيهي آفيس ۾ ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي ۽ جاري اعليٰ سطحي رابطن جي آجيان ڪندي اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، زرعي ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي اهم ڪردار کي پڻ ساراهيو. هاءِ ڪمشنر ڪينيڊين ڪينولا جي پاڪستان درآمد ۾ تعاون تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا ادا ڪيا ۽ ريڪوڊڪ منصوبي تي بيرڪ گولڊ جي اڳڀرائي سان گڏوگڏ ٻين ڪينيڊين ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خواهش جو پڻ ذڪر ڪيو.











