آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان عرب جمهوريه مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر احمد محمد عبدالعاطي جي ملاقات

راولپنڊي- 01 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان عرب جمهوريه مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر احمد محمد عبدالعاطي ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران ٻنهي ڌرين برادر ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو، خاص طور تي دفاع ۽ سيڪيورٽي سهڪار، عسڪري رابطن، تربيتي سهڪار ۽ …

راولپنڊي- 01 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان عرب جمهوريه مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر احمد محمد عبدالعاطي ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران ٻنهي ڌرين برادر ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو، خاص طور تي دفاع ۽ سيڪيورٽي سهڪار، عسڪري رابطن، تربيتي سهڪار ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام تي ڌيان ڏنو ويو. ڳالهين ۾ ٻنهي پاسن کان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته دفاع ۽ وسيع تر اسٽريٽجڪ شعبن ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو ۽ پراڻن لاڳاپن کي هٿي ڏني ويندي. معزز مهمان مصر جي قيادت طرفان گرمجوشي سان ڀرپور پيغام به پهچايو ۽ پاڪستان سان سمورن شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ مصر جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته تبديل ٿيندڙ علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جو سلسلو ضروري آهي.