اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اقتصادي شراڪتداري کي بهتر بنائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق آسٽريليا جي پاڪستان بابت هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين سومر ڏينهن پارليامنٽ هائوس ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪئي. سينيٽ …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات
اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اقتصادي شراڪتداري کي بهتر بنائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق آسٽريليا جي پاڪستان بابت هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين سومر ڏينهن پارليامنٽ هائوس ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۾ آسٽريليا لاءِ بي پناهه خير سگالي ملي ٿي جڏهن ته آسٽريليا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن تعليم جي شعبي ۾ آسٽريليا جي پراڻن لاڳاپن کي ساراهيندي ٻڌايو ته اٽڪل 20 هزار پاڪستاني شاگرد آسٽريلوي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪي مستقبل ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا. سينيٽ چيئرمين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا ڪيترن ئي حوالن سان ڳنڍيل آهن جن ۾ راند خاص ڪري ڪرڪيٽ اهم رشتو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين جي مقرري جو دور ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته موجوده ٻه طرفو واپاري ڳاڻيٽو ٻنهي ملڪن جي اصل صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو. هن اقتصادي شراڪتداري کي بهتر بنائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو. هن آسٽريليا جي زرعي شعبي ۾ جاري سهڪار تحت 13 جاري منصوبن ۽ تحقيقي ڀائيواري کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته ان سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي، مارڪيٽ تائين بهتر پهچ ۽ پاڪستاني آبادگارن لاءِ عملي فائدا حاصل ٿيندا. پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڀريندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پارلياماني فرينڊ شپ گروپس جي سطح تي رابطن ۽ وفد جي مٽا سٽا وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي تازي ملاقات کي به ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم قرار ڏنو. سيد يوسف رضا گيلاني زرعي شعبي ۾ بهترين تجربن جي مٽا سٽا جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر کي اسلام آباد ۾ تازو ئي منعقد ٿيل بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي ڪامياب بندوبست بابت به آگاهه ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته آسٽريليا سان اسان جا لاڳاپا ڪافي تاريخي آهن. هن چيو ته 1993ع ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طور ۽ 2011ع ۾ پاڪستان جي وزيراعظم جي حيثيت سان آسٽريليا جا دورا ڪيا ۽ اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون جيڪي اهم ۽ نتيجي واريون رهيون. آخر ۾ سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ان موقعي تي آسٽريليا جي وزيراعظم کي شاديءَ جون مبارڪون ڏنيون ۽ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر ذريعي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر پاڪستاني قيادت جي هاڪاري نقطه نظر کي ساراهيندي چيو ته ٻئي ملڪ پراڻا ۽ مضبوط لاڳاپا رکندڙ آهن. هن ڏکڻ پنجاب ۾ تازي ٻوڏ جي صورتحال تي گهري ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جا اثر شديد ٿيندا پيا وڃن. ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين جي صلاحڪار ۽ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي سفير مصباح کر ۽ سينئر ڊائريڪٽر جنرل پروٽوڪول طارق بن وحيد به موجود هئا.











