ننڍپڻ جي شادين خلاف وفاق ۽ صوبن ۾ قانونسازي اسان جي وڏي ڪاميابي آهي: شيري رحمان

اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئر پرسن سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته ننڍپڻ جي شادين خلاف وفاق ۽ صوبن  ۾ قانونسازي اسان جي وڏي ڪاميابي آهي، ملڪ ۾ هر سال اٽڪل 11 هزار مائرون موت جي ور چڙهي وينديون آهن، پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک ننڍپڻ جي شادين جو شڪار ڇوڪريون موجود آهن، جيڪو  …

اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئر پرسن سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته ننڍپڻ جي شادين خلاف وفاق ۽ صوبن  ۾ قانونسازي اسان جي وڏي ڪاميابي آهي، ملڪ ۾ هر سال اٽڪل 11 هزار مائرون موت جي ور چڙهي وينديون آهن، پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک ننڍپڻ جي شادين جو شڪار ڇوڪريون موجود آهن، جيڪو  قومي سطح تي هڪ المئي جي علامت آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان پاپوليشن سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته پاڪستان 2025ع ۾ گڏيل قومن جي اڳڪٿي موجب شديد پاڻي جي کوٽ جو شڪار ٿي چڪو آهي، پاڪستان 2022ع ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ماحولياتي تبديلين سبب متاثر ٿيل ملڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي ۾ ساليانو 6 ملين جو اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو وسيلن تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي، وڌندڙ آبادي سبب ٻار بک جو شڪار آهن ۽ صحت جا مرڪز علاج فراهم ڪرڻ کان قاصر آهن، پاڪستان ۾ 26 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جيڪو ايندڙ نسل جي مستقبل جي خطري جي علامت آهي، شيري رحمان چيو ته ملڪ کي هر سال 3 ملين نئين نوڪرين جي ضرورت آهي جيڪو موجوده معاشي صورتحال ۾ يپدا ڪرڻ ممڪن نه رهيو آهي.  هن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ جي ڊي پي کي 8 سيڪڙو جو نقصان پهچايو، پاڪستان ۾ آبادي ۾ واڌ جي ڊي پي جي رفتار برابر يا ان کان به وڌيڪ ٿي، شديد بحران پيدا ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ 45 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، اسان جو ملڪ خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ غذائي کوٽ جو شڪار آهي ۽ 11 ملين ماڻهو بک کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڊبليو ايف پي موجب پاڪستان ۾ ٻارن جو وڏو انگ هڪ وقت جي کاڌي کان محروم رهجي وڃي ٿو، ورلڊ بئنڪ موجب ملڪ ۾ 40 سيڪڙو ٻار 5 سالن کان گهٽ عمر ۾ غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ جو شڪار آهن. هن چيو ته پاڪستان هر 50 منٽن کان پوءِ هڪ عورت حمل دوران فوت ٿي وڃي ٿي. وڏين ٻوڏن دوران 6 لک 50 هزار عورتن، ٻيڙين يا خيمن ۾ ٻار ڄڻڻ تي مجبور ٿيون،  ملڪ ۾ پاڻي جي کپت  وسيلن کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي، مستقبل ۾ بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ 60 ايم اي ايف واڌو پاڻي گهربل هوندو، پاڻي جي کوٽ جو ٻار سڀ کان وڌيڪ عورتن برداشت ڪرڻو پوي ٿو، پاڪستان ۾  72 سيڪڙو عورتون روزاني تقريبن ٽي ڀاڱي چار ڏينهن گهريلو پاڻي آڻڻ ۾ صرف ڪن ٿيون، 9 ڪلاڪ ڊگهي پاڻي آڻڻ جو اهو مسلسل ۽ بنا پگهار ڪم عورتن جي جسماني ۽ ذهني صحت ۽ روزگار تي گهرا اثر وجهي ٿو. هن چيو ته گهرن جي آمدني جو وڏو حصو صحت جي بحران يا ڪنهن ايمرجنسي دوران خرچ ٿي وڃي ٿو جنهن جو ٻار به عورتن تي پوي ٿو. پاڪستان ۾ آبادي جو دٻاءُ هڪ غير جانبدار جرحان نه پر هڪ عوامي صحت جو بحران آهي جنهن جو سڀ کان وڌيڪ اثر عورتن تي پوي ٿهو. 17.3 سيڪڙو جوڙن کي خانداني منصوبابندي جي سهولت ميسر ناهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ نون ڄاول ٻارن جي موت جو انگ ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ شرح 53.54 موت في هزار پيدائش آهي، ملڪ ۾ هر سال تقريبن 11 هزار مائرون فوت ٿي ويونديون آهن. پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک ڇوڪريون ننڍپڻ جي شادين جو شڪار هونديون آهن، جيڪو قومي صحت تي هڪ وڏي علامت آهي. پاڪستان ۾ هر 6 مان هڪ عورت جي شادي ننڍپڻ ۾ ڪئي ويندي آهي جنهن سان کيس صحت، تعليم ۽ زندگي جا موقعا شديد متاثر ٿين ٿا، ننڍپڻ شادي خلاف وفاق ۽ صوبن ۾ قانونسازي ٿيڻ اسان جي وڏي ڪاميابي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻي هن قانون تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي.