اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان پنجاب جي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير بلال اڪبر خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ سڌارا ۽ راولپندي اسلام آباد ميٽرو بس جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ميٽرو بس سروس کي وڌيڪ فعال ۽ ان جي مختلف اسٽيشنز جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ …
گهرو وزير محسن نقوي سان پنجاب جي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير جي ملاقات
اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان پنجاب جي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير بلال اڪبر خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ سڌارا ۽ راولپندي اسلام آباد ميٽرو بس جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ميٽرو بس سروس کي وڌيڪ فعال ۽ ان جي مختلف اسٽيشنز جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترين ئي تجويزن تي ويچاريو ويو جڏهن ته سروس جي روٽ جي وڌائڻ جا امڪان به بحث هيٺ آيا. اجلاس ۾ راولپنڊي اسلام آباد ميٽرو بس سروس جي بهتري لاءِ هڪ گڏيل ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو ته جيئن ٻنهي شهرن وچ ۾ عوام کي وڌيڪ بهتر ۽ باقاعده سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن. ان موقعي تي وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته هزارين مسافر روزانو ميٽرو بس سروس ذريعي راولپنڊي ۽ اسلام آباد وچ ۾ سفر ڪن ٿا ۽ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ته کين محفوظ، آرام ڏيندڙ ۽ معياري سفري سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وفاقي وزير عوامي سهولت ۽ سموگ ۾ گهٽتائي لاءِ اليڪٽرڪ ٽرانسپورٽ جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته اسلام آباد جي شهرين لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اليڪٽرڪ بسون جاري ڪيون ويون آهن ۽ لاڳيتو انهن جو دائرو وڌايو پيو وڃي. بلال اڪبر خان به پنجاب جي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ بهتري لاءِ کنيل قدمن کان وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو.











