اسلام آباد- 01 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) جون ڪامياب ڪارروايون تيزي سان جاري آهن، اي اين ايف مردان جي نجي هائوسنگ سوسائٽي جي مختلف هنڌن مان 426 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪئي وئي. اي اين ايف جي ترجمان مطابق اها منشيات خيبرپختونخواهه جي مقامي سهولتڪارن جي مدد سان افغانستان مان مردان ۾ ذخيرو ڪئي وئي هئي، اسمگل ٿيل …
اينٽي نارڪوٽڪس فورس جو وڏو ڪارنامو، وڏي مقدار ۾ افغانستان مان اسمگل ڪيل منشيات هٿ
اسلام آباد- 01 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) جون ڪامياب ڪارروايون تيزي سان جاري آهن، اي اين ايف مردان جي نجي هائوسنگ سوسائٽي جي مختلف هنڌن مان 426 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪئي وئي. اي اين ايف جي ترجمان مطابق اها منشيات خيبرپختونخواهه جي مقامي سهولتڪارن جي مدد سان افغانستان مان مردان ۾ ذخيرو ڪئي وئي هئي، اسمگل ٿيل منشيات تيراه ۽ باڙه رستي ننڍي ننڍي کيپ ۾ مردان پهچائي وئي هئي. اسمگلرز جو مقصد حالتون مناسب ٿيندي ئي منشيات کي منظم بين الصوبائي گروپ ذريعي سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ هو. ڊرگ ٽريفڪنگ آرگنائزيشن جي جاچ مطابق مقامي ماڻهو مردان جي مشهور رهائشي سوسائٽي کي منشيات ڊمپنگ سائيٽ طور استعمال ڪري رهيا هئا. اي اين ايف ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي چرس جو وڏو مقدار پنهنجي گاڏي ۾ کڻي ويندي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي ڪيترن ئي گهرن مان به منشيات هٿ ڪري ورتي. مجموعي طور تي 426 ڪلوگرام چرس ۽ 4 گاڏيون قبضي ۾ ورتيون ويون، ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن. ضبط ڪيل منشيات جي ماليت عالمي مارڪيٽ ۾ 2 ڪروڙ 24 لک ڊالر آهي. اي اين ايف جي ترجمان مطابق سڄي سال ۾ 31 اهڙا نيٽ ورڪ ٽوڙيا ويا آهن جن مان 7 منشيات اسمگلنگ ۾ ملوث گروپ هئا. هن چيو ته سڄي ملڪ مان منشيات جي ناسور جي خاتمي تائين اي اين ايف جون ڪارروايون جاري رهنديون.











