اسلام آباد- 01 ڊسمبر (اي پي پي) چٽا ڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان جي ايس هوٽل جي ريئل اسٽيٽ انويسٽمينٽ ٽرسٽ (ريٽ) کي ايليٽ هاسپيٽليٽي وينچرز (پرائيويٽ) لميٽيڊ حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها منظوري چٽا ڀيٽي ايڪٽ جي سيڪشن 11 ۽ چٽا ڀيٽي (مرجر ڪنٽرول) ريگوليشنز تحت ڏني وئي. گذريل ڏينهن چٽا ڀيٽي ڪميشن طرفان جاري پريس ريليز مطابق جي ايس هوٽل ريٽ هڪ نئين قائم ٿيل شريعت …
چٽا ڀيٽي ڪميشن پاران جي ايس هوٽل کي ايليٽ هاسپيٽليٽي وينچرز حاصل ڪرڻ جي منظوري
اسلام آباد- 01 ڊسمبر (اي پي پي) چٽا ڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان جي ايس هوٽل جي ريئل اسٽيٽ انويسٽمينٽ ٽرسٽ (ريٽ) کي ايليٽ هاسپيٽليٽي وينچرز (پرائيويٽ) لميٽيڊ حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها منظوري چٽا ڀيٽي ايڪٽ جي سيڪشن 11 ۽ چٽا ڀيٽي (مرجر ڪنٽرول) ريگوليشنز تحت ڏني وئي. گذريل ڏينهن چٽا ڀيٽي ڪميشن طرفان جاري پريس ريليز مطابق جي ايس هوٽل ريٽ هڪ نئين قائم ٿيل شريعت مطابق هائبرڊ ريٽ اسڪيم آهي جيڪا ريئل اسٽيٽ انويسٽمينٽ ٽرسٽ ريگوليشنز 2022ع تحت ڪم ڪري رهي آهي. اها ايليٽ هاسپيٽيليٽي وينچرز جا شيئرز پرچيز ايگريمينٽ ذريعي حاصل ڪرڻ جو اردو رکي ٿي. ٽارگٽ ڪمپني هڪ اسپيشل پرپز وهيڪل آهي جيڪا حيدرآباد ۾ 4 اسٽار ”هلٽن گارڊن ان“ هوٽل جي تعمير ۽ نگراني لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. پنهنجي جانچ ۾ ڪميشن ٽرانزيڪشن جي نوعيت، مارڪيٽ جي ڍانچي تي ان جي اثرن ۽ حيدرآباد جي لاڳاپيل مارڪيٽ ۾ امڪاني چٽا ڀيٽي جو جائزو ورتو. سي سي پي مشاهدو ٻنهي مان ڪا به ڌر هن وقت هاسپيٽيليٽي سيڪٽر ۾ فعال ناهي، ان ڪري ان مٽا سٽا سان مارڪيٽ ۾ ڪو افقي تعلق پيدا ناهي ٿيندو. ڪميشن جي جائزي مطابق اها ٽرانزيڪشن نان هاريزينٽل نوعيت جو آهي ۽ ان ۾ چٽا ڀيٽي ۾ گهٽتائي، مارڪيٽ ۾ بگاڙ يا ڪنهن غالب پوزيشن جي پيدا ٿيڻ يا مضبوط ٿيڻ جو ڪو خطرو ناهي. ان ڪري ٽرانزيڪشن کي چٽا ڀيٽي ايڪٽ 2010ع تحت منظور ڪيو ويو آهي.











