پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري ھفتي ۾ ھاڪاري شروعات، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ نمايا اضافو رڪارڊ

اسلام آباد - 01 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي شروعات تي 629 پوائنٽس جو اضافو ٿيو، سيڙپڪارن جي ڀرپور دلچسپي سبب مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان برقرار رھيو. ڪاروبار جي شروعات تي نمايا خريداري ڏسڻ ۾ آئي، جنھن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 629 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان 167،306 پوائنٽس جي سطح تي پھتو. گذريل ڪاروباري ھفتي جي آخري …

اسلام آباد – 01 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي شروعات تي 629 پوائنٽس جو اضافو ٿيو، سيڙپڪارن جي ڀرپور دلچسپي سبب مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان برقرار رھيو. ڪاروبار جي شروعات تي نمايا خريداري ڏسڻ ۾ آئي، جنھن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 629 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان 167،306 پوائنٽس جي سطح تي پھتو. گذريل ڪاروباري ھفتي جي آخري ڏينھن (جمعي تي) به مارڪيٽ ۾ غير معمولي تيزي رڪارڊ ڪئي وئي ھئي. شروعاتي سيشن دوران 100 انڊيڪس ۾ 1،600 کان وڌيڪ اضافو ڏٺو ويو ھو ۽ انڊيڪس 167،005 پوائنٽس جي سطح تائين پھچي ويو ھو. ان کان علاوه جمعي ڏينھن ٽريڊنگ جي پڄاڻي تي ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1،304 پوائنٽس جي مجموعي اضافي سان 166،677 پوائنٽس تي بند ٿيو، جيڪا مارڪيٽ لاءِ ھڪ ھاڪاري اڳڀرائي آھي. مارڪيٽ جي تجزيه ڪارن مطابق سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بھتري، معاشي اھڃاڻن ۾ استحڪام جي اھڃاڻ ۽ بھتر پاليسي اميدن اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪارڪردگي کي سگھه ڏني آھي. توانائي، بينڪنگ، سيمينٽ ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪارن جي سرگرم دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي اختيارين جو چوڻ آھي ته مارڪيٽ ۾ ھاڪاري رجحان سيڙپڪارن جي مضبوط اعتماد ۽ مجموعي معاشي رخ جي استحڪام جي عڪاسي کي ظاهر ڪري ٿو. پي ايس ايڪس شفاف منظم ۽ متحرڪ سيڙپڪاري جي ماحول کي ھٿي ڏيڻ لاءِ پنھنجو ڪردار جاري رکندو.