لاهور-01 ڊسمبر(اي پي پي) پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ جي عوام کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي تي محنتي مهمان نواز سنڌي ڀينرن ۽ ڀائرن کي پنجاب واسين پاران سلام پيش ڪيان ٿي. پنهنجي خاص پيغام ۾ مريم نواز چيو ته هوءَ سنڌ، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ترسيل سنڌين کي ان ثقافتي ڏينهن …
پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز پاران سنڌ جي ثقافت واري ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ جي عوام کي مبارڪون
لاهور-01 ڊسمبر(اي پي پي) پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ جي عوام کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي تي محنتي مهمان نواز سنڌي ڀينرن ۽ ڀائرن کي پنجاب واسين پاران سلام پيش ڪيان ٿي. پنهنجي خاص پيغام ۾ مريم نواز چيو ته هوءَ سنڌ، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ترسيل سنڌين کي ان ثقافتي ڏينهن تي دلي مبارڪون پيش ڪري ٿي. مريم نواز شريف مطابق سنڌ جي سڃاڻپ محبت، امن ۽ ڀائيچارو آهي جنهن هميشه پاڪستان جي سڃاڻپ کي مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ جو اجرڪ، سنڌي ٽوپي، دلڪش موسيقي ۽ شاعري ملڪ جي ثقافتي خوبصورتي ۾ اضافو ڪندي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت چهرو اجاڳر ڪندي آهي. پنجاب جي وزير اعليٰ سنڌ جي تهذيب کي قديم، خوبصورت ۽ دلڪش قرار ڏيندي چيو ته سنڌ جي ثقافت پنهنجي انفراديت، رنگيني ۽ خوبصورتي سبب سڄي قوم لاءِ فخر ڳوڳي آهي. مريم نواز شريف ان موقعي تي اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جون سموريون ثقافتون گڏجي قومي يڪجهتي ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون.











