اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي سومر ڏينهن جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي ايڊووڪيٽ مخدوم علي خان طرفان التوا جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن کي بينچ منظور ڪندي ڪارروائي 5 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. معاون وڪيل سعد هاشمي عدالت کي آگاهه ڪيو ته مخدوم علي خان سپريم ڪورٽ جي …
وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي
اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي سومر ڏينهن جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي ايڊووڪيٽ مخدوم علي خان طرفان التوا جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن کي بينچ منظور ڪندي ڪارروائي 5 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. معاون وڪيل سعد هاشمي عدالت کي آگاهه ڪيو ته مخدوم علي خان سپريم ڪورٽ جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ مصروف آهي، ان ڪري ٻڌڻي وڊيو لنڪ ذريعي مقرر ڪئي وڃي. عدالت ٻڌايو ته هن وقت وڊيول لنڪ جي سهولت دستياب ناهي، جنهن سبب درخواست منظور نه ٿي ڪري سگهجي. بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.











