اسلام آباد -01 ڊسمبر 25 (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس موبائيل ويجهو دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ شهيد اهلڪار جي لاءِ مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي فوري طبي امداد …
وزيراعظم پاران لڪي مروت ۾ پوليس موبائيل و11هو دهشتگرد حملي جي مذمت
اسلام آباد -01 ڊسمبر 25 (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس موبائيل ويجهو دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ شهيد اهلڪار جي لاءِ مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال جي دشمن دهشتگردن جي مڪمل خاتمي جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي.











