وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي مصري السويدي اليڪٽرڪ جي صدر سان ملاقات

قاهره- 01 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان مصر جي السويدي اليڪٽرڪ جي صدر ۽ سي اي او انجنيئر احمد السويدي سان ملاقات ڪئي. جاري پريس رليز مطابق ملاقات ۾ انجنيئر احمد السويدي پاڪستان ۾ موجوده سيڙپڪاري تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير کيس پاڪستان جي معدنيات جي شعبي ۾ وسيع امڪانن کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان جي مائننگ سيڪٽر ۾ وڏن ملڪي ۽ …

قاهره- 01 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان مصر جي السويدي اليڪٽرڪ جي صدر ۽ سي اي او انجنيئر احمد السويدي سان ملاقات ڪئي. جاري پريس رليز مطابق ملاقات ۾ انجنيئر احمد السويدي پاڪستان ۾ موجوده سيڙپڪاري تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير کيس پاڪستان جي معدنيات جي شعبي ۾ وسيع امڪانن کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان جي مائننگ سيڪٽر ۾ وڏن ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي وڌندڙ دلچسپي تي خيالن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي سروسز ۾ شاندار موقعن تي مصري ڪمپنين کي بريفنگ ڏني. مصري ڪمپنين پاڪستان سان واپاري ۽ صنعتي سهڪار وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.