عوامي صحت لاءِ ايڊز جهڙن وڏن خطرن جو خاتمو ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد - 01 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ايڊز جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان عالمي برادري سان ڀرپور آواز ۾ پنهنجي ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته عوامي صحت لاءِ ايڊز جهڙن وڏن خطرن جو خاتمو ڪنداسين ۽ ان بيماري کان تحفظ سڀني تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ايڊز جي عالمي ڏينهن پهرين ڊسمبر 2025ع …

اسلام آباد – 01 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ايڊز جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان عالمي برادري سان ڀرپور آواز ۾ پنهنجي ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته عوامي صحت لاءِ ايڊز جهڙن وڏن خطرن جو خاتمو ڪنداسين ۽ ان بيماري کان تحفظ سڀني تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ايڊز جي عالمي ڏينهن پهرين ڊسمبر 2025ع تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هلندڙ سال اهو ڏينهن رڪاوٽن کي پار ڪرڻ ۽ ايڊز جي حوالي سان ورتاءَ کي تبديل ڪرڻ جي عنوان تحت ملهايو پيو وڃي. اهو عنوان نين پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن سان نئين عزم سان منهن ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو ۽ ياد ڏياري ٿو ته رڪاوٽون، بيماريون، تڪليفون ۽ سماجي اڻبرابري باوجود سمورن شهرين جي صحت ۽ عزت ۽ وقار جي تحفظ لاءِ اسان جو عزم پختو هجڻ گهرجي.  ايڇ آءِ وي جي وبا جتي سڄي دنيا ۾ صحت جي نظام فائدن ۽ اثرائتي ڪارڪردگي جو امتحان وٺي رهي آهي. اتي اها اسان کي ان بيماري سان مقابلو ڪرڻ ۽ صحت جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي  تيار ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿي. وزيراعظم چيو ته ان بيماري بابت عوامي رد عمل ۽ رويي کي تبديل ڪرڻ نهايت ضروري آهي.  ان کي نظر ۾ رکندي علاج جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ، جديد سهولتن کي اختيار ڪرڻ ۽ معاشرتي سطح تي گڏيل سهڪار کي وڌائيندي سمورن طبقن تائين پهچڻ سان عوامي سطح تي ان بيماري بابت رد عمل کي تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته حڪومت جو ڌيان جتي صحت جي نظام کي اثرائتو بڻائڻ ۽ عوام تائين ان جي پهچ کي يقيني بڻائڻ تي آهي، اتي ايڇ آءِ وي سبب متاثر ماڻهن جي آواز تي ڌيان ڏيڻ به اڻٽر آهي. صحت جو تحفظ بنيادي شهري حقن ۾ شامل آهي، سمورا شهري خاص طور تي ڪمزور ۽ محروم طبقن تائين بيماري جي روڪٿام، سڃاڻپ، علاج ۽ سار سنڀال جون برابر سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان سهڪار سان گڏوگڏ مقامي سطح تي به قدم کڻڻ لاءِ پرعزم آهي. معاشري ۾ ان بيماري سان لاڳاپيل بدنامي ۽ متاثر ماڻهن سان امتيازي سلوڪ  جي خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششون وقت جي اهم ضرورت آهي. مجموعي طور تي انسان دوست رويو، صحت جي نظام  ۾ جدت ۽ بهتري لاءِ سيڙپڪاري سان ئي اسان ايڇ آءِ وي بابت پنهنجي رد عمل کي مضبوط، جامع ۽ اثرائتو بڻائي سگهون ٿا. صحت جي شعبي ۽ خاص طور تي ايڊز جي علاج ۾ ترقي باوجود ان جي عوامي سطح تي سڃاڻپ، علاج تائين پهچ ۽ عوامي آگاهي جي حوالي سان اڃا ڪم ڪرڻ جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي. اسان کي اجتماعي طور انهن چئلينجز جو همدرداڻو ۽ سنجيده رويي سان مقابلو ڪرڻو پوندو. ايڊز جي خاتمي لاءِ ترجيحي بنيادن تي کنيل قدمن ۾ خطري جو شڪار طبقن جي علاج تائين پهچ، صنفي امتيازي سلوڪ جو خاتمو، ٻارن ۾ والدين مان ايڇ آءِ وي جي منتقلي جي روڪٿام، مريضن لاءِ محفوظ رت جي فراهمي ۽ منشيات استعمال ڪندڙ ماڻهن ۾ ان جي ڦهلاءَ م گهٽتائي آڻڻ شامل آهي. هن چيو ته اجتماعي قومي ۽ سياسي عزم، شعبه جاتي گڏيل سهڪار ۽ گڏيل ذميواري ذريعي ئي موجوده رڪاوٽن تي ضابطو آڻي ايڊز جي خاتمي بابت اڳڀرائي کي تيز ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم جي چيو ته ايڊز جي عالمي ڏينهن تي اچو ته عهد جي تجديد ڪيون ته ڪا به سماجي، معاشرتي، معاشي يا انتظامي رڪاوٽ ان بيماري خلاف اسان جي جنگ جي رستي ۾ رڪاوٽ نه بڻجي ۽ اسان گڏجي ايڊز سان مقابلي جي حڪمت عملي کي جامع ۽ وڌيڪ اثرائتو بڻائينداسين. ايڊز فري پاڪستان لاءِ اچو متحد ٿي همدرداڻي رويي ۽ اميد سان اڳتي وڌون ته جيئن هر شخص کي تندرست، صحت سان ڀرپور ۽ عزت ۽ وقار جي زندگي ميسر ٿي سگهي.