پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جون مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان وفد جي سطح تي تفصيلي ڳالهيون

اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه پرڏيهي وزارت ۾ مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان وفد جي سطح تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون، جن ۾ ٻنهي ملڪن جي سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزارت مان جاري بيان موجب ٻنهي ڌرين پاڪستان مصر لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ واپار، سيڙپڪاري، صحت، تعليم، ثقافت ۽ عوامي …

اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه پرڏيهي وزارت ۾ مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان وفد جي سطح تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون، جن ۾ ٻنهي ملڪن جي سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزارت مان جاري بيان موجب ٻنهي ڌرين پاڪستان مصر لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ واپار، سيڙپڪاري، صحت، تعليم، ثقافت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ اداره جاتي ميڪينزم سميت گڏيل وزارتي ڪميشن ۽ سالياني ٻطرفي مشاورت کي ٻيهر فعال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزيرن وڌيڪ اتفاق ڪيو ته هڪ نئين بزنس ڪائونسل قائم ڪئي وڃي، مصر سان بي ٽو بي رابطن لاءِ اهم پاڪستاني ڪاروباري ادارن جي نشاندهي ڪئي وڃي. قاهره ۾ 2026ع جي ٻي ٽه ماهي ۾ وزارتي بزنس فورم منعقد ڪيو وڃي ۽ ان جي تياري لاءِ 2026ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ اسلام آباد ۾ سينئر عملدارن جون گڏجاڻيون ٿينديون. مصر جي پرڏيهي وزير الازهر يونيورسٽي جي اسڪالرشپ جو انگ ٻيڻو ڪرڻ جو اعلان به ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ مصر جي تعاون ۽ الازهر يونيورسٽي جي اسڪالرشپس ذريعي تعليمي تعليمي ۽ ثقافتي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي مصر جو ٿورو مڃيو.