پاڪستان پاران پارليامينٽ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪيل 27هين آئيني ترميم بابت گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي بي بنياد خدشن تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد - 30 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس پاران بي بنياد بيان کي رد ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان پارليامينٽ جي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظور ڪيل 27هين آئيني ترميم بابت گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي بي بنياد خدشن تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو …

اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس پاران بي بنياد بيان کي رد ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان پارليامينٽ جي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظور ڪيل 27هين آئيني ترميم بابت گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي بي بنياد خدشن تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته دنيا جي سمورين پارلياماني جمهوريتن وانگر قانون سازي ۽ آئين ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم جو اختيار صرف ۽ صرف پاڪستان جي عوام جي چونڊيل نمائندن جي اختيار ۾ اچي ٿو. جمهوريت ۽ جمهوري طريقيڪار ئي شهري ۽ سياسي حقن جو بنياد آهي، جن جو احترام ضروري آهي. پاڪستان جي پارليامينٽ طرفان منظور ڪيل آئيني ترميم مڪمل طور تي پاڪستان جي آئين ۾ داخل طريقيڪار موجب ڪئي وئي. پاڪستان انساني حقن، انساني وقار، بنيادي آزادين ۽ قانون جي حڪمراني جي تحفظ، هٿي وٺائڻ ۽ پاسداري لاءِ پرعزم آهي، جيڪو اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين ۾ واضح آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي، ته پاڪستان انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي ڪم کي اهميت ڏئي ٿو، انهي ڪري اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان جي موقف ۽ زميني حقيقتن جي عڪاسي ناهي ڪئي وئي، بيان ۾ هاءِ ڪمشنر کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو پاڪستان جي پارليامينٽ جي خودمختيار فيصلن جو احترام ڪري ۽ اهڙن بيانن کان پاسو ڪري جيڪي سياسي جانبداري ۽ غلط ڄاڻ جي عڪاسي ڪندا هجن.