چيف آف دي ڊفينس فورسز جي مقرري بابت غير ضروري ۽ غير ذميواراڻيون قياس آرايون بنا جواز پکيڙيون پيون وڃن: خواجه محمد آصف

اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته چيف آف دي ڊفينس فورسز جي مقرري بابت غير ضروري ۽ غير ذميواراڻيون قياس آرايون بنا جواز پکيڙيون پيون وڃن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چيو ته ان حوالي سان اهو واضح ڪيو وڃي ٿو ته مقرري جو باقاعده عمل پهرين ئي شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم جلد واپس …

اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته چيف آف دي ڊفينس فورسز جي مقرري بابت غير ضروري ۽ غير ذميواراڻيون قياس آرايون بنا جواز پکيڙيون پيون وڃن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چيو ته ان حوالي سان اهو واضح ڪيو وڃي ٿو ته مقرري جو باقاعده عمل پهرين ئي شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم جلد واپس وطن پهچي رهيو آهي، سندس واپسي کانپوءِ چيف آف دي ڊفينس فورسز جو نوٽيفڪيشن مقرر وقت تي جاري ڪيو ويندو. وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته ان معاملي تي قياس آرائيون يا بي بنياد تبصرن جي ڪا به گنجائش ناهي.