اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ اڄ سومر پهرين ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ عدالتي هفتي دوران 3 مختلف بينچز ڪيسز جي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. عدالتي شيڊول موجب سومر پهرين ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ عدالتي هفتي ۾ اهم آئيني نوعيت جا ڪيس مختلف بينچز آڏو پيش ٿيندا. چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ سڄي هفتي دوران مختلف اهم ڪيسز …
وفاقي آئيني عدالت ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ عدالتي هفتي ۾ 3 بينچز ڪيس جون ٻڌڻيون ڪنديون
اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ اڄ سومر پهرين ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ عدالتي هفتي دوران 3 مختلف بينچز ڪيسز جي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. عدالتي شيڊول موجب سومر پهرين ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ عدالتي هفتي ۾ اهم آئيني نوعيت جا ڪيس مختلف بينچز آڏو پيش ٿيندا. چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ سڄي هفتي دوران مختلف اهم ڪيسز ٻڌندي. ٻئي طرف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس روزي خان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ به پهرين ڊسمبر کان ڪاز لسٽ ۾ شامل ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي. اهڙي طرح جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس ڪريم خان آغا تي ٻڌل بينچ نمبر 3 به مختلف آئيني درخواستن ۽ اپيلن تي ٻڌڻي لاءِ دستياب هوندي.











