اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 19 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 70 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 6هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 800 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري
اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 19 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 70 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 6هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 800 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 54 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 54 هزار 200 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 30 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 7 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 50 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 43 هزار 100 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 41 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 12 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 9 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1494.95 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.883 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1218.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.500 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.40 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.280 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.











