اسلام آباد -29 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداريءَ ڇنڇر ڏينهن نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ 27هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ کي خطاب ڪيو. ايوان صدر مان جاري بيان موجب ورڪشاپ پارليامينٽ ميمبرن، سينئر سول ۽ فوجي آفيسرن، تعليمي ادارن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي گڏ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ ورڪشاپ کي ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي شرڪت ڪندڙن …
صدر جو نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾27هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ کي خطاب
اسلام آباد -29 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداريءَ ڇنڇر ڏينهن نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ 27هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ کي خطاب ڪيو. ايوان صدر مان جاري بيان موجب ورڪشاپ پارليامينٽ ميمبرن، سينئر سول ۽ فوجي آفيسرن، تعليمي ادارن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي گڏ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ ورڪشاپ کي ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي شرڪت ڪندڙن کي مبارڪون ڏنيون ۽ قومي سلامتي بابت آگاهي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سندن لگن کي ساراهيو. هن پاڪستان جي عصري سلامتي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ باخبر قيادت، قومي هم آهنگي ۽ مربوط پاليسي سازي جي اهميت تي زور ڀريو. 27هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ جامع قومي سلامتي جي فريم ورڪ تحت قومي طاقت جي مختلف عنصرن وچ ۾ گڏيل معاملن بابت شرڪت ڪندڙن جي سمجهه کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي قومي سلامتي ورڪشاپ قومي سطح جي بحث کي هٿي ڏيڻ، اداره جاتي صلاحيت کي وڌائڻ ۽ قومي سلامتي لاءِ سڄي ملڪ جي نقطئه نظر کي هٿي ڏيڻ لاءِ ملڪ جي اهم پليٽ فارمز مان هڪ آهي. صدر مملڪت گريجوئيٽ ٿيل شاگردن کي سندون به ڏنيون.











