اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان سدائين کان فلسطيني عوام سان ثابت قدمي سان گڏ بيٺل رهيو آهي، فلسطينين جي لاءِ اسان جي حمايت انسانيت، انصاف ۽ برابري جي بنيادي قدرن تي قائم آهي، پاڪستان ۽ فلسطين جي عوام جي وچ ۾ محبت، احترام ۽ ڀائيچاري جو رشتو آهي، مشڪل ترين حالتن ۾ به پاڪستاني قوم سدائين پنهنجي فلسطينين ڀينرن ڀائرن جو …
پاڪستان سدائين کان فلسطيني عوام سان ثابت قدمي سان گڏ بيٺل رهيو آهي: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان سدائين کان فلسطيني عوام سان ثابت قدمي سان گڏ بيٺل رهيو آهي، فلسطينين جي لاءِ اسان جي حمايت انسانيت، انصاف ۽ برابري جي بنيادي قدرن تي قائم آهي، پاڪستان ۽ فلسطين جي عوام جي وچ ۾ محبت، احترام ۽ ڀائيچاري جو رشتو آهي، مشڪل ترين حالتن ۾ به پاڪستاني قوم سدائين پنهنجي فلسطينين ڀينرن ڀائرن جو ساٿ ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر فلسطين جي يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته فلسطين جي حمايت پاڪستان جي سڃاڻپ جو حصو رهي آهي، ايستائين جو پاڪستان ٺهڻ کان 7 سال اڳ 1940ع جي قرارداد لاهور ۾ به فلسطين جي خودمختياري جي حق جي واضح حمايت شامل هئي. هن چيو ته اڄ فلسطين سان يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي بهادر فلسطيني عوام کي دل جي گهرائين سان سلام پيش ڪريان ٿو جن بي مثال همت، ثابت قدمي ۽ اڻٿڪ حوصلي سان تاريخ ۾ هڪ نئون باب لکيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان فلسطين سان پنهنجي پراڻي ۽ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان سدائين غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج جي ظلمن جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ هر عالمي فورم تي فلسطينين جي لاءِ آواز اٿاريو آهي. اسان مسلسل فوري ۽ مستقل جنگبندي، انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي، شهرين جي تحفظ ۽ اسرائيلي جنگي ڏوهن تي مڪمل احتساب جو مطالبو ڪندا رهيا آهيون. هن چيو ته گڏيل قومن، او آءِ سي، آءِ سي جي ۽ ٻين عالمي فورمز تي به پاڪستان فلسطيني عوام جي بنيادي ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي حقن جي لاءِ مسلسل سرگرم رهيو آهي. صدر چيو ته غزه امن معاهدي ۾ به پاڪستان مثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو، ان اميد سان ته اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ سان فلسطيني عوام تي ڪيل ناقابل تصور ڏکن جو خاتمو ٿي سگهندو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر طرح جي سياسي، سفارتي، انساني ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، اسان پنهنجي ان موقف جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته فلسطين جون 1967ع کان اڳ واري سرحدن موجب هڪ آزاد، خودمختيار ۽ مضبوط رياست جي طور تي قائم ٿئي ۽ ان جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. صدر دعا ڪندي چيو ته فلسطيني عوام جي جدوجهد ۽ همت دنيا جي سُتل ضمير کي جاڳائي ۽ دنيا ۾ انصاف ۽ امن جي فتح ٿئي. هن چيو ته منهنجي اها دلي خواهش به آهي ته هڪ ڏينهن مون کي مسجد اقصيٰ ۾ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ نماز ادا ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿئي.











