غزه سميت فلسطينين جي سرزمين تان اسرائيل جي مڪمل انخلا کي يقيني بڻائڻ لازمي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطينين جي بنيادي حق، خودمختياري جي حق ۽ هڪ آزاد فلسطيني رياست جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته غزه سميت فلسطينين جي سرزمين تان اسرائيل جي مڪمل انخلا کي يقيني بڻائڻ لازمي آهي، فلسطينين جي خلاف اسرائيل کان جنگي ڏوهن ۽ منظم نسل ڪشيءَ جو عالمي قانونن موجب پُڇاڻو ٿيڻ گهرجي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم …

اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطينين جي بنيادي حق، خودمختياري جي حق ۽ هڪ آزاد فلسطيني رياست جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته غزه سميت فلسطينين جي سرزمين تان اسرائيل جي مڪمل انخلا کي يقيني بڻائڻ لازمي آهي، فلسطينين جي خلاف اسرائيل کان جنگي ڏوهن ۽ منظم نسل ڪشيءَ جو عالمي قانونن موجب پُڇاڻو ٿيڻ گهرجي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب فلسطين سان يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي تي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام اڻٿڪ عزم ۽ يڪجهتي سان پنهنجي فلسطينين ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهن، ڏهاڪن کان فلسطيني عوام المناڪ سانحن کي منهن ڏنو آهي جنهن ۾ خودمختياري جي حقي جي نفي، پنهنجي سرزمين کان محرومي ۽ امن ۽ سُڪون جي تباهي شامل آهي. هن چيو ته غزه ۾ 70 هزار ٻارن، عورتن ۽ مردن کي شهيد ڪيو ويو آهي، غزه سفاڪاڻي ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏنو آهي، آبادين ۽ خاندانن کي ختم ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ گهرن، اسپتالن، اسڪولن ۽ بنيادي ضروري شهري ڍانچي کي ملبي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، اهڙن افسوسناڪ ۽ ناقابل بيان سانحن جي باوجود فلسطيني عوام مثالي، اڻٿڪ ۽ ڀرپور عزم ۽ همت جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پنهنجي سڃاڻپ ۽ مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ انصاف جي اميد جو پاند ڪڏهن به ناهي ڇڏيو. هن چيو ته فلسطيني عوام جي جرئت ۽ بهادري ۽ انهن جي انصاف پسند مقصدن سان وابستگي انساني عزم جي عظمت جي عڪاس آهي، فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي جنگي ڏوهن ۽ منظم نسل ڪشيءَ جو عالمي قانونن موجب مواخذو ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ٻه رياستي حل جي لاءِ گهرايل تازي اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۽ غزه امن منصوبي جي صورت ۾ ان مسئلي جي حل جو هڪ موقعو مليو آهي جڏهن ته جنگبندي جاري رهڻ ۽ اسرائيل پاران هر قسم جي تشدد جي روڪٿام ۽ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ انتهائي ضروري ۽ لازمي آهي، ان کانسواءِ گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن جي لاءِ امداد جي لاءِ سرگرم اداري کي بنا ڪنهن سياسي مداخلت ۽ رڪاوٽ جي مڪمل طور تي فعال بڻائڻ ضروري آهي ۽ سڀ کان اهم اهو ته اسرائيل جي فلسطينين جي سرزمين بشمول غزه مان مڪمل انخلا کي يقيني بڻائڻ لازمي آهي ڇو ته فلسطيني عوام مڪمل امن ۽ خوشحالي جي حقدار آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا کي غزه ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪرڻ سان گڏوگڏ اولهندي ڪناري جي سنگين صورتحال تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي جتي غيرقانوني بستين جي توسيع عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي ۽ امن ۽ سلامتي جي لاءِ تمام وڏي رڪاوٽ آهي. هن چيو ته پاڪستان فلسطين مسئلي جي منصفاڻي، پائيدار ۽ جامع حل جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي لاڳاپيل قراردادن موجب هجي، پاڪستان پنهنجي ڀرپور تعاون ۽ فلسطيني عوام سان جائز حقن جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، پاڪستان فلسطينين جي بنيادي حق، خودمختياري جي حق ۽ هڪ آزاد، قابل عمل، متحد فلسطيني رياست جي حمايت ڪري ٿو جيڪا 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي قائم ٿئي ۽ القدس الشريف ان جي گادي وارو شهر هجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ جي ڏينهن خاص طور تي ۽ سدائين جي لاءِ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ اسان منصفاڻي، جائز آزادي، عزت، وقار ۽ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ انهن جي حق تي ٻڌل جدوجهد سان گڏ آهيون.