اسلام آباد -29 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سريلنڪا ۾ شديد ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب ٿيل جاني نقصان ۽ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سريلنڪا ۾ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب فوت ٿيل ماڻهن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ گم ٿيل ماڻهن جي سلامتي لاءِ دعاڳو آهيان. هن …
وزيراعظم پاران سريلنڪا ۾ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار
اسلام آباد -29 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سريلنڪا ۾ شديد ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب ٿيل جاني نقصان ۽ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سريلنڪا ۾ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب فوت ٿيل ماڻهن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ گم ٿيل ماڻهن جي سلامتي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ پاڪستان سريلنڪا جي عوام ۽ حڪومت سان مڪمل يڪجهتي سان بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان ريسڪيو، بحالي ۽ امدادي سرگرمين ۾ هر قدم جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جيڪا سريلنڪا جي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان اسان جي يڪجهتي جي علامت آهي.











