مصر جو پرڏيهي وزير ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي مصر جو پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر احمد محمد عبدالعاطي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو دورو پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ پراڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو گڏيل عقيدي، ثقافتي وابستگي ۽ علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي گڏيل …

اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي مصر جو پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر احمد محمد عبدالعاطي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو دورو پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ پراڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو گڏيل عقيدي، ثقافتي وابستگي ۽ علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي گڏيل نقطه نظر تي ٻڌل آهي. اهو پاڪستان- مصر جي لاڳاپن جي اسٽريٽجڪ رخ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ انهن کي سياسي، اقتصادي، دفاعي، ثقافتي ۽ عوام وچ ۾ مدد تي ڌيان ڏيڻ سان گڏ ڊگهي رستي تي گامزن ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو. دوري دوران مصر جو پرڏيهي وزير، پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان وفدن جي سطح تي ملاقات ۽ ڳالهيون ڪندو. بيان موجب ڳالهين دوران ڌريون ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو وٺنديون ۽ غزه جي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به ڳالهيون ڪنديون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اميد آهي ته مصر جي پرڏيهي وزير جو اهو دورو پاڪستان ۽ مصر جي سهڪار کي وڌيڪ سگهه ڏيندو ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻئي برادر ملڪ شراڪتداري کي وڌيڪ اڳيان وڌائيندا.