اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطيني عوام سان پاڪستان جي پُختي حمايت ۽ مڪمل يڪجهتيءَ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ انساني حقن جي سنگين پائمالين سبب وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جو قيام صرف هڪ خواب بڻجي رهجي ويو آهي. اهڙو اظهار هن فلسطينين سان يڪجهتيءَ واري …
فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ انساني حقن جي سنگين پائمالين سبب وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جو قيام صرف خواب بڻجي رهجي ويو آهي: سردار اياز صادق
اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطيني عوام سان پاڪستان جي پُختي حمايت ۽ مڪمل يڪجهتيءَ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ انساني حقن جي سنگين پائمالين سبب وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جو قيام صرف هڪ خواب بڻجي رهجي ويو آهي. اهڙو اظهار هن فلسطينين سان يڪجهتيءَ واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، جيڪو هر سال 29 نومبر تي گڏيل قومن جي انتظام هيٺ ملهايو ويندو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي چيو ته مسلسل حملن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ غزه ۾ تاريخ جو بدترين انساني بحران جنم وٺي چڪو آهي. هن چيو ته فلسطيني عوام کي منظم طريقي سان انهن جي خوداراديت واري حق کان محروم رکيو پيو وڃي جڏهن ته جاري نسل ڪشي جي نتيجي ۾ معصوم ٻار، عورتون، بزرگ ۽ بيمارن سميت هزارين قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، جيڪو نهايت شرمناڪ ۽ افسوسناڪ آهي. سردار اياز صادق غزه تي مڙهيل غير قانوني گهيرن جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو آهي ته غذائي امداد بنيادي ضرورتون ۽ جان بچائيندڙ دوائن جي رسد ۾ رڪاوٽ وجهڻ جنگي ڏوهه آهي. هن ان عمل کي انتهائي غير اخلاقي ۽ غير انساني قدم قرار ڏنو آهي. غزه جي تباهه حال معاشرتي ۽ معاشي صورتحال جو حوالو ڏيندي اسپيڪر چيو ته فلسطيني عوام شديد انساني بحران ۽ محرومين جو شڪار آهي جتي زندگي بُريءَ طرح متاثر ٿي چڪي آهي ۽ شهرين کي خوراڪ، علاج، صاف پاڻي، رهائش ۽ سلامتي جهڙن بنيادي حقن تائين به رسائي حاصل ناهي. هن چيو ته جاري نسل ڪشي ۽ انساني الميي جي نتيجي ۾ لکين فلسطيني بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ پوري جي پوري آبادي مٽائي وئي آهي، جڏهن ته هڪ ڪمزور جنگبندي جي پاڇي ۾ به صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو عالمي قانونن موجب پنهنجون ذميداريون پوريون ڪري، شهرين جي تحفظ ۽ سنگين انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي مؤثر جوابدهي کي يقيني بڻائي. اياز صادق چيو ته مستقل سفارتي ڪوششون ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي فلسطيني مؤقف جي مؤثر دفاع سبب عالمي راءِ عامه ۾ نمايان تبديليون ڏسڻ ۾ آيون آهن. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اولهه جي ملڪن به مسلم دنيا جي اصولي مؤقف جي تائيد ڪندي فلسطينين کي خوداراديت وارو حق ۽ اسرائيلي اڳرائيءَ جي فوري خاتمي جو مطالبو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته فلسطين رياست کي هن وقت تائين گڏيل قومن جي 157 ميمبر ملڪن تسليم ڪري ورتو آهي جيڪو عالمي اداري جي مجموعي ميمبرشپ جو 81 سيڪڙو بڻجي ٿو. هي فلسطيني جدوجهد کي حاصل ٿيل ڀرپور اخلاقي، قانوني ۽ سياسي حمايت جو چِٽو ثبوت آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان هميشه فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي سطح تي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو رهي ٿو. هن چيو ته گڏيل قومن جي هڪ ذميدار ميمبر ۽ سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان فلسطيني عوام جي خوداراديت واري حق جي حاصلات ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻَڌل هڪ آزاد خودمختيار ۽ قابلِ عمل فلسطين رياست جنهن جو گاديءَ وارو هنڌ القدس شريف هجي جي قيام لاءِ عالمي ۽ علائقائي فورمز تي مؤثر آواز بلند ڪندو رهندو. اسپيڪر عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ کي فوري طور روڪرائڻ، غير قانوني گهيرو ختم ڪرائڻ ۽ فلسطيني عوام لاءِ پائيدار امن، انصاف ۽ انساني وقار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عملي ۽ فوري قدم کڻي.











