اسلام آباد -29 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي، ته مڪمل ۽ درست سفري دستاويز رکندڙ ڪنهن به مسافر کي سفر کان نه روڪيو ويندو. جڏهن ته پرڏيهه ۾ روزگار جي ڪوڙن واعدن ذريعي شهرين کي فريب ڏيندڙ ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن ايئرپورٽ تي 2 ڪلاڪ گذاريا …
مڪمل ۽ درست سفري دستاويز رکندڙ ڪنهن به مسافر کي سفر کان نه روڪيو ويندو: محسن نقوي
اسلام آباد -29 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي، ته مڪمل ۽ درست سفري دستاويز رکندڙ ڪنهن به مسافر کي سفر کان نه روڪيو ويندو. جڏهن ته پرڏيهه ۾ روزگار جي ڪوڙن واعدن ذريعي شهرين کي فريب ڏيندڙ ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن ايئرپورٽ تي 2 ڪلاڪ گذاريا ۽ اميگريشن جي عمل جو جائزو ورتو ۽ پرڏيهه ويندڙ مسافرن سان ڳالهيون ڪيون. دوري دوران محسن نقوي فراڊ ۾ ملوث ويزا ايجنٽس خلاف فوري ڪريڪ ڊائون جا سخت حڪم جاري ڪيا ۽ خبردار ڪيو ته شهرين کي پرڏيهه ۾ روزگار جي بهاني ڌوڪو ڏيندڙن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. هن 7 نومبر تي هڪ مسافر طرفان اميگريشن ڪائونٽر تي عملي جي کوٽ بابت ڏنل شڪايت جو به سنجيدگي سان نوٽيس ورتو ۽ ذميوار عملدارن کي سمورين حالتن ۾ سي سي ٽي وي فوٽيج ذريعي جائزو وٺڻ ۽ باقاعده انڪوائري جو حڪم ڏنو. گهرو وزير مسافرن ۽ ايئرپورٽ اختيارين کي يقين ڏياريو ته آئينده اهڙن شڪايتن جو ڪو به جواز نه هوندو. هن چيو ته مڪمل ۽ درست سفري دستاويز رکندڙ مسافر کي سفر کان نه روڪيو ويندو، جڏهن ته جعلي يا غير تصديق ٿيل دستاويزن تي سفر ڪندڙ ملڪ جي ساک کي نقصان پهچائين ٿا. اهڙي صورتحال ڪنهن به ريت قبول ناهي. هن چيو ته لالچ ۾ مبتلا ايجنٽ معصوم ماڻهن جي مستقبل سان کيڏي رهيا آهن ۽ ملڪ جي ساک کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هن چيو ته پرڏيهه ۾ روزگار جي ڪوڙن واعدن ذريعي شهرين کي فريب ڏيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ حڪومت انساني اسمگلنگ ۽ دستاويزي فراڊ ۾ ملوث ايجنٽ مافيا جي سرگرمين کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.











