اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) انڊونيشيا جي سفير چندرا ڊبليو سوڪوٽجو چيو آهي ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ لاڳاپا صرف سفارتي سطح تائين محدود ناهن پر هي هڪ مضبوط پائيدار حصيداري جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن، جيڪي ثقافتي مٽاسٽا، تعليمي تعاون ۽ عوامي رابطن ذريعي ٻنهي ڀائر ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ جو ذريعو آهي. هن دوستيءَ جو بنياد گڏيل احترام، اعتماد ۽ گڏيل ترقيءَ جي …
پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا، تعليمي تعاون ۽ عوامي رابطا ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ جو ذريعو آهن: انڊونيشيا جو سفير
اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) انڊونيشيا جي سفير چندرا ڊبليو سوڪوٽجو چيو آهي ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ لاڳاپا صرف سفارتي سطح تائين محدود ناهن پر هي هڪ مضبوط پائيدار حصيداري جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن، جيڪي ثقافتي مٽاسٽا، تعليمي تعاون ۽ عوامي رابطن ذريعي ٻنهي ڀائر ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ جو ذريعو آهي. هن دوستيءَ جو بنياد گڏيل احترام، اعتماد ۽ گڏيل ترقيءَ جي عزم تي ٻَڌل آهي، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ علم، ثقافتي ۽ تعاون جا نوان دروازا کولي ٿو. اهڙو اظهار انڊونيشيا جي سفير نيشنل لائبريري آف پاڪستان ۾ قائم ڪيل انڊونيشين ڪارنر جي باضابطه افتتاح جي موقعي تي ڪيو.

تقريب ۾ قومي ثقافتي ورثي وارو وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي، نيشنل لائبريري آف انڊونيشيا جو پرائيم سيڪريٽري ڊاڪٽر جوڪوسانتوسو ۽ نيشنل لائبريري آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل محمدعلي شهزاد مظفر سميت ٻين معززن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آسيان جي سمورن سفيرن، هاءِ ڪمشنرز، اعليٰ سرڪاري عملدارن، سفارتي عملي جي ميمبرن، پاڪستان ۽ انڊونيشين ڪميونٽي ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جيڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط عوامي رابطن جي عڪاسي ڪن ٿا. انڊونيشين سفير چيو ته انڊونيشين ڪارنر ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ پُراڻي دوستيءَ جي هڪ علامت آهي. هن چيو ته فوجي پس منظر رکڻ سبب هو ان ڳالهه جي اهميت کي چڱيءَ ريت سمجهي ٿو ته ڪنهن تي اعتماد ڪرڻ ڪيتري قدر معنيٰ رکي ٿو. ان موقعي تي نيشنل لائبريري آف پاڪستان ۾ انڊونيشيا لاءِ مخصوص جاءِ رکڻ پاڪستان جي اعتماد ۽ مضبوط دوستيءَ جو واضح ثبوت آهي جنهن تي هو شڪرگذار آهي. وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو ته انڊونيشين ڪارنر ٻنهي قومن وچ ۾ علم ۽ ثقافت جو پُل ثابت ٿيندو. ان ذريعي انڊونيشيا جي ادب، ورثي ۽ فڪري روايتن تائين آسان رسائي ممڪن ٿيندي. هن چيو ته اهڙيءَ طرح جا قدم تعليمي تحقيق، ثقافتي هم آهنگي کي هٿي ڏيندا ۽ عوامي سطح تي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ڊاڪٽر جوڪوسانتوسو چيو ته انڊونيشين ڪارنر ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهري اعتماد ۽ گڏيل احترام جي علامت آهي جيڪو مستقبل ۾ هڪ متحرڪ تعليمي مرڪز بڻجندو. هن اعلان ڪيو ته نيشنل لائبريري آف انڊونيشيا ان ڪارنر لاءِ هڪ هزار ڪتابن جو عطيو ڏيندي. نيشنل لائبريري آف انڊونيشيا ڏکڻ اوڀر ايشيا جو وڏو ۽ ناياب ذخيرو ڪندڙ ادارن ۾ شمار ٿئي ۽ 2024ع ۾ ان کي يونيسيڪو جڪجي ميموري آف دي ورلڊ پرائز سان به نوازيو ويو جيڪو ڪنهن به انڊونيشين اداري لاءِ پهريون ڀيرو اعزاز آهي. تقريب جي پڄاڻيءَ کان اڳ سفير مهمانن کي انڊونيشيا ۽ پاڪستان جي 75 سالن تي ٻَڌل سفارتي لاڳاپن تي ڪتاب تحفي طور پيش ڪيو. بعد ۾ ربن ڪٽڻ جي رسم ۽ نئين قائم ٿيل انڊونيشين ڪارنر جو دؤرو ڪيو ويو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن، ثقافتي سفارتڪاري ۽ پائيدار دوستيءَ جي هڪ نئين باب جي علامت آهي. افتتاح کان پوءِ ٻن ڏينهن تائين انڊونيشين سفارتخاني، انڊونيشين نيوز ايجنسي جي تعاون سان پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي ويجهن لاڳاپن تي ٻَڌل تصويري نمائش جو به بندوبست ڪيو.











