اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزارت چيو آهي ته جاري ڍانچه جاتي سڌارن، ڊجيٽل تبديلي، بهتر حڪمراني، مالي نظم و ضبط ۽ ڪلي معيشت جي استحڪام لاءِ جاري ڪوششن سان ملڪي معيشت جي رفتار مثبت انداز ۾ جاري آهي. نومبر ۾ مهانگائيءَ جي شرح 5 کان وٺي 6 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ …
ڍانچه جاتي سڌارن، ڊجيٽل تبديلي، بهتر حڪمراني، مالي نظم و ضبط ۽ ڪلي معيشت جي استحڪام لاءِ جاري ڪوششن سان ملڪي معيشت جي رفتار مثبت انداز ۾ جاري آهي: ناڻي وزارت
اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزارت چيو آهي ته جاري ڍانچه جاتي سڌارن، ڊجيٽل تبديلي، بهتر حڪمراني، مالي نظم و ضبط ۽ ڪلي معيشت جي استحڪام لاءِ جاري ڪوششن سان ملڪي معيشت جي رفتار مثبت انداز ۾ جاري آهي. نومبر ۾ مهانگائيءَ جي شرح 5 کان وٺي 6 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت موجب پاڪستان جي معاشي صورتحال مجموعي طور مثبت قرار ڏني پئي وڃي. صنعتي سرگرمين ۾ بهتري جاري آهي ۽ معاشي سڌارن جي نتيجي ۾ استحڪام اچي رهيو آهي. نومبر ۾ مهانگائيءَ جي شرح 5.0 کان 6.0 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي، جنهن جو بنيادي سبب خوراڪ جي قيمتن ۽ زرعي پيداوار تي دٻاءُ آهي. رپورٽ موجب جيتوڻيڪ فصلن جي صورتحال وچٿري آهي جڏهن ته مناسب زرعي مداخلت جي دستيابي ۽ حڪومتي تعاون سبب اميد آهي ته ربيع جي جاري موسم ۾ رسد بهتر ۽ مستحڪم رهندي. رپورٽ موجب پيداواري ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ آمدني واپار ۾ واڌ باوجود ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو متوقع حد ۾ آهي، جنهن سبب روانگي واپار ۾ مسلسل واڌ ۽ ناڻي رسد مضبوط آهي، مجموعي طور ملڪي معيشت جي رفتار مثبت رهڻ جي اميد آهي، جنهن سان ڍانچه جاتي سڌارن، ڊجيٽل تبديلي، بهتر حڪمراني، مالي نظم و ضبط ۽ ڪلي معيشت جي استحڪام لاءِ جاري ڪوششن سان ملڪي معيشت جي رفتار مثبت انداز ۾ جاري ڪوششون سهارو ڏئي رهيون آهن. اقتصادي اپ ڊيٽ موجب مالي سال جي پهرين 4 مهينن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين پاران موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 12.955 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 11.850 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 9.3 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ان مُدي ۾ ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 10.6 ارب ڊالر رهيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 10.4 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. درآمدي بل 20.7 ارب ڊالر رهيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 18.9 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 9.6 ارب ڊالر وڌيڪ آهي. مالي سال جي پهرين 4 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جو خسارو 733 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 206 ملين ڊالر هو. ان مُدي ۾ ملڪ ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 747.7 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 1.010 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 26 سيڪڙو وڌيڪ آهي. 14 نومبر 2025ع تي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 19.7 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 14.5 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 5.2 ارب ڊالر هو. گذريل سال 15 جون تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 11.3 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 4.7 ارب ڊالر هو. مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ ايف بي آر جي محصولن جو ڳاڻيٽو 3.834 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 3.442 ٽريلين رپين جي ڀيٽ ۾ 11.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. نان ٽيڪس محصولن جو ڳاڻيٽو 3.008 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 3.021 ٽريلين رپين جي ڀيٽ ۾ 0.4 سيڪڙو گهٽ آهي. مالي توازن جو ڳاڻيٽو 2.119 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 1.896 ٽريلين رپيا هو. پرائمري بيلنس جو ڳاڻيٽو 3.497 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ 3.20 ٽريلين رپيا هو. مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ زرعي شعبي کي فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 845.3 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 712.8 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 18.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پهرين ٽه ماهي ۾ ايم ٽو ۾ سالياني بنيادن تي 2.15 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. 27 آڪٽوبر تي پاليسي ريٽ 11 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي جيڪو گذريل سال 4 نومبر تي 15 سيڪڙو هو. مالي سال جي پهرين 4 مهينن ۾ مهانگائيءَ جي سراسري شرح 4.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪو گذريل سال جي ان مُدي ۾ 8.7 سيڪڙو هئي. پهرين ٽه ماهيءَ ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 4.08 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، 27 نومبر 2025ع تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس هڪ لک 65373 پوائنٽس هو. گذريل سال 27 نومبر تي ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 99269 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو هو. هن سال جي مُدي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي انڊيڪس ۾ 66.6 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. 27 نومبر تي مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 66.79 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، جيڪو گذريل سال 27 نومبر تي 45.24 ارب ڊالر هو. نَون ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ سالياني بنيادن تي 35.6 سيڪڙو جي اؤسر رڪارڊ ٿي.











