اسلام آباد -28 نومبر (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف وزيرن جي 29هين اجلاس دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي قيادت ۾ پاڪستان کي 2027 – 2026ع جي لاءِ اي سي او ڪائونسل آف منسٽرز جي صدارت جي لاءِ چونڊيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب منعقد اي سي او – سي ايم او جي 29هين اجلاس ۾ …
پاڪستان اي سي او ڪائونسل آف منسٽرز جي صدارت جي لاءِ چونڊيو ويو آهي: پرڏيهي آفيس
اسلام آباد -28 نومبر (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف وزيرن جي 29هين اجلاس دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي قيادت ۾ پاڪستان کي 2027 – 2026ع جي لاءِ اي سي او ڪائونسل آف منسٽرز جي صدارت جي لاءِ چونڊيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب منعقد اي سي او – سي ايم او جي 29هين اجلاس ۾ پاڪستان کي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي قيادت ۾ 2027 – 2026ع جي لاءِ اي سي او ڪائونسل آف منسٽرز جي صدارت سنڀالڻ جي لاءِ چونڊيو ويو آهي. اي سي او ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن صدارت سنڀالڻ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏني. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار مبارڪباد وارن پيغامن ۽ تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ 2026ع ۾ ڪائونسل آف منسٽرز جي ايندڙ اجلاس ۾ سمورن اي سي او ميمبر ملڪن جي پاڪستان ۾ آجيان ڪرڻ جا منتظر آهيون.











