افغانستان سان جنگبندي برقرار نه آهي، افغان سرزمين جو استعمال ڪندي پاڪستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جا حملا جاري آهن: پاڪستان

اسلام آباد  -28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته افغانستان سان جنگبندي برقرار نه آهي ڇو ته افغان سرزمين جو استعمال ڪندي پاڪستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جا حملا جاري آهن، جنگبندي مفاهمت جو مقصد نج اهڙن حملن کي روڪڻ هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪستان افغانستان جنگبندي جو مطلب روايتي جنگبندي نه آهي جيڪا ڪنهن جنگ يا تڪرار …

اسلام آباد  -28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته افغانستان سان جنگبندي برقرار نه آهي ڇو ته افغان سرزمين جو استعمال ڪندي پاڪستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جا حملا جاري آهن، جنگبندي مفاهمت جو مقصد نج اهڙن حملن کي روڪڻ هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪستان افغانستان جنگبندي جو مطلب روايتي جنگبندي نه آهي جيڪا ڪنهن جنگ يا تڪرار جي صورتحال کانپوءِ لاڳو ڪئي وئي آهي پر ان جو مطلب اهو آهي ته افغان حمايت يافته دهشتگرد پراڪسي پاڪستان ۾ ڪو دهشتگرد حملو نه ڪندا. هن چيو ته ان جنگبندي کانپوءِ وڏا دهشتگرد حملا ٿيا آهن، تنهن ڪري ان معنيٰ ۾ جنگبندي برقرار نه آهي ڇو ته جنگبندي ٽي ٽي پي، ايف اي ڪي ۽ افغان شهرين پاران افغان سرزمين جو استعمال پاڪستان جي خلاف دهشتگرد حملا بند ڪرڻ بابت هئي. ترجمان چيو ته ان جي لاءِ جيڪڏهن افغان شهري حملا ڪري رهيا آهن جيئن ته انهن اسلام آباد ۽ ٻين جاين تي ڪيو ته اسان جنگبندي بابت وڌيڪ پراميد نه ٿا ٿي سگهون. افغانستان مان ڪنهن به حملي جي خطري بابت پڇڻ تي هن چيو ته پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز پوري طرح چوڪس آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اسان جي فوجي تياري مضبوط آهي، اسان کي جيڪي سيڪيورٽي چئلينجز درپيش آهن انهن کي سنجيدگي سان منهن ڏنو ويندو جنهن جي پاڪستان اهليت رکي ٿو. ترجمان سعودي عرب پاران ڪنهن به ثالثي جي آڇ بابت چيو ته هو اهڙي ڪنهن ٺوس آڇ کان آگاهه نه آهي جڏهن ته اسان ثالثي جي آجيان ڪريون ٿا. ترجمان افغانستان مان دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي خاص طور تي تاجڪستان ۾ حملي بابت سوال تي چيو ته انهن سمورن ملڪن وٽ انهن مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ۽ هم آهنگي جو هڪ مضبوط طريقيڪار آهي، تنهن ڪري علائقائي ملڪ باخبر آهن. هن چيو ته پاڪستان سمورن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي فورمز تي انهن رابطن تي عمل پيرا آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اهڙي طرح جي گڏيل ڪوآرڊينيشن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. افغان طالبان جي ان بيان تي جنهن ۾ تاجڪستان ۾ حملي جي لاءِ ”ڪجهه عنصرن“ تي الزام هنيو ويو آهي، طاهر حسين اندرابي چيو ته اسان اهو ئي چئي رهيا آهيون ته انهن عنصرن کي ڪنٽرول ڪريو ۽ اهي عنصر افغان سرزمين تي موجود آهن. ان کان اڳ پرڏيهي آفيس جي ترجمان واشنگٽن ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي ۽ ان کي دهشتگردي جو ڪڌو فعل قرار ڏنو. هن پاڪستان پاران آمريڪا سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان  ٻن ڏهاڪن کان افغانستان سان واضح تعلق سان اهڙي طرح جي دهشتگردي جي واقعن کي برداشت ڪيو آهي، هي واقعو سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي پريشان ڪندڙ ٻيهر ڪَر کڻڻ جو اشارو ڏي ٿو. هن تاجڪستان ۾ ٽن چيني شهرين جي قتل جي پڻ مذمت ڪئي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته افغان سرزمين کي دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. ترجمان طالبان جي سرپرستي ۾ افغانستان مان مان ڪم ڪندڙ گروهن جي خلاف ٺوس ۽ قابل تصديق ڪارروائي جو پڻ مطالبو ڪيو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن، منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پرعزم آهي ۽ هو ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.