وزيراعظم پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ گهري اقتصادي تعاون جي لاءِ بحرين جي سيڙپڪارن کي مُختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد  -28 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته وزيراعظم پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ گهري اقتصادي تعاون جي لاءِ بحرين جي سيڙپڪارن کي فوڊ سيڪيورٽي، آءِ ٽي، تعميرات، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، صحت جي سارسنڀال، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وزيراعظم …

اسلام آباد  -28 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته وزيراعظم پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ گهري اقتصادي تعاون جي لاءِ بحرين جي سيڙپڪارن کي فوڊ سيڪيورٽي، آءِ ٽي، تعميرات، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، صحت جي سارسنڀال، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وزيراعظم 26 کان 27 نومبر تائين بحرين جو سرڪاري دورو ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم بحرين جي ولي عهد سلمان بن حمد الخليفه سان پڻ ملاقات ڪئي، وزيراعظم ٻطرفي واپار کي جيڪو هن وقت 550 ملين ڊالر کان وڌيڪ آهي، ٽن سالن ۾ هڪ ارب  ڊالر تائين وڌائڻ جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار جيڪو دوري دوران وزيراعظم سان گڏ هو، بحرين جي ناڻي ۽ قومي معيشت واري وزير شيخ سلمان بن خليفه الخليفه سان ملاقات ڪئي.

مزید خبریں