ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري ڊاڪٽر علي لاريجاني تازو پاڪستان جي دوري دوران اهم مُلاقاتُون ڪيُون: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد  -28 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري ڊاڪٽر علي لاريجاني تازو پاڪستان جي دوري دوران قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ سان وفدن جي سطح تي باضابطا ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ صدر، وزيراعظم، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، نائب وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان هفتيوار پريس …

اسلام آباد  -28 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري ڊاڪٽر علي لاريجاني تازو پاڪستان جي دوري دوران قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ سان وفدن جي سطح تي باضابطا ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ صدر، وزيراعظم، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، نائب وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته انهن ملاقاتن ۾ ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ڌرين سياسي مصروفيتن، واپاري ۽ اقتصادي تعاون، دهشتگردي جي خاتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽي، علائقائي رابطن، ثقافتي ۽ عوامي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين ان انداز ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو جنهن سان گڏيل خوشحالي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ مدد ملي. ترجمان چيو ته ٻنهي ڌرين استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجهي رابطاڪاري ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏيندي اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران علائقائي ۽ گهڻ رخي فورمز تي گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته ان دوري پاڪستان ايران ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت رفتار کي وڌيڪ سگهه ڏني جڏهن ته وسيع تر تعاون ۽ گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏنو.

مزید خبریں