اسلام آباد -28 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منعقد ٿيندڙ اي سي او وزيرن واري ڪائونسل جي 29هين اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ قازقستان جي پرڏيهي وزير يرميڪ ڪوشربايف کي اي سي او وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي ڪاميابي سان ميزباني تي مبارڪباد ڏني. هن اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ۽ اي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي اي سي او وزيرن واري ڪائونسل جي 29هين اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت

مزید خبریں
اسلام آباد -28 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منعقد ٿيندڙ اي سي او وزيرن واري ڪائونسل جي 29هين اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ قازقستان جي پرڏيهي وزير يرميڪ ڪوشربايف کي اي سي او وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي ڪاميابي سان ميزباني تي مبارڪباد ڏني. هن اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ۽ اي سي او جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي اي سي او ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ انهن جي قيادت جي تعاون کي پڻ ساراهيو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم علائقائي تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي خوشحالي، اقتصادي انضمام ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ اي سي او جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي اي سي او ويزن 2025ع جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اي سي او وزيرن واري ڪائونسل جي ايندڙ چيئرمين جي طور تي پاڪستان جي اي سي او ويزن 2035 – 2026ع کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ملٽي موڊل ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز کي مضبوط بڻائڻ، ڪسٽم فريم ورڪ کي هم آهنگ ڪرڻ ۽ بنا رڪاوٽ علائقائي انضمام جي لاءِ ٽرانسپورٽ جي نظام کي هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ترجيح تي زور ڏنو. هن اسلام آباد – تهران – استنبول ريل ڪوريڊور، يوريشين ملٽي موڊل ڪوريڊور ۽ وچ ايشيا کي افغانستان جي رستي پاڪستان سان ڳنڍيندڙ ريلوي جي نئين قدمن سميت اهم علائقائي رابطن جي منصوبن کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن آڪٽوبر 2025ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ڪامياب علائقائي ٽرانسپورٽ وزيرن واري ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان رستي، ريل، ميري ٽائيم ۽ ڊيجيٽل ڪنيڪٽيويٽي ۾ علائقائي ٽرانسپورٽ تعاون کي فعال طور تي جوڙي رهيو آهي. هن پاڪستان جي آزاداڻي ويزا پاليسي تي پڻ روشني وڌي جنهن سان 126 ملڪن جي واپارين ۽ سياحن جي لاءِ آسان پهچ ممڪن آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ميمبر ملڪن کي پائيدار چرپر، ٽرانزٽ ٽريڊ، ڪسٽم هم آهنگي ۽ موسمياتي ريليزينس انفراسٽرڪچر ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو جنهن سان علائقائي اقتصادي ترقي کي خطرو آهي. هن لاهور کي اي سي او ٽوئرازم ڪيپيٽل 2027ع جي طور تي نامزد ڪرڻ تي ميمبر ملڪن جا ٿورا ادا ڪيا ۽ اي سي او ميمبرن کي ايندڙ سال پاڪستان م ٿيندڙ 30هين اي سي او وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.











