اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت هلندڙ خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي، هو بلڪل ٺيڪ آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي احتجاج تي حڪومت طرفان وضاحت ڪندي هن چيو ته سوشل ميڊيا جي جن اڪائونٽس تان پي ٽي آءِ باني جي صحت جي حوالي سان …
سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت هلندڙ خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت هلندڙ خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي، هو بلڪل ٺيڪ آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي احتجاج تي حڪومت طرفان وضاحت ڪندي هن چيو ته سوشل ميڊيا جي جن اڪائونٽس تان پي ٽي آءِ باني جي صحت جي حوالي سان بي بنياد خبرون پکيڙيون پيون وڃن اهي سڀ اڪائونٽس ڀارتي آهن جيڪي افغان ميڊيا جو حوالو ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته افغان ميڊيا کي به ڀارت ئي بي بنياد خبرون فيڊ ڪيون آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي صحت ٺيڪ ۽ سندس زندگي کي ڪو به خطرو ناهي.











