اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊڪوارٽر تي آپگهاتي حملي جي واقعي کانپوءِ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي آفيسرن ۽ جوانن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ايف سي هيڊڪوارٽر پشاور پهچي ويو. گهرو وزير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر رکي ۽ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان کانپوءِ گهرو وزير حملي جي جاءِ جو …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران فيڊرل ڪانسٽيبلري جي آفيسرن ۽ جوانن سان يڪجهتي جو اظهار، ايف سي هيڊڪوارٽر پشاور جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊڪوارٽر تي آپگهاتي حملي جي واقعي کانپوءِ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي آفيسرن ۽ جوانن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ايف سي هيڊڪوارٽر پشاور پهچي ويو. گهرو وزير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر رکي ۽ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان کانپوءِ گهرو وزير حملي جي جاءِ جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ فيڊرل ڪانسٽيبلري جي آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي. جتي هن هڪ اهم اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي. محسن نقوي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جو حملو وقت سر ڪارروائي سبب ناڪام بڻايو ويو، بريفنگ موجب ايف سي جي بهادر جوانن انتهائي جرئت مندي سان مقابلو ڪندي ٽن آپگهاتي بمبارن کي صرف ٽن منٽن اندر ختم ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي گهرو وزير فيڊرل ڪانسٽيبلري جي جوانن جي شجاعت ۽ غير معمولي جذبي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته شهادت ماڻيندڙ ٽنهي جوانن جي قرباني کي سلام پيش ڪريان ٿو. شهيدن پنهنجون جانيون قربان ڪري دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. سندن اهي قربانيون رائيگان نه وينديون. گهرو وزير چيو ته شهيدن بهادري جو لازوال مثال قائم ڪندي دشمن جي بزدلاڻي حملي کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته اهلڪارن جنهن دليري سان ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جو مقابلو ڪيو اهو واکاڻ جوڳو آهي. هن خاطري ڪرائي ته شهيدن جي خاندانن جو پنهنجي خاندان وانگر خيال رکيو ويندو ۽ حڪومت هر طرح سان انهن سان گڏ بيٺل آهي. ان موقعي تي آءِ جي خيبرپختونخوا پوليس ذوالفقار حميد، ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري نذير گاڙا ۽ ٻيا اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدار به موجود هئا.











