سائبر شيلڊ پاليسي سان اِي گورننس، مالي نظام ۽ هيلٿ ڊيٽا کي مضبوط تحفظ ملندو: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي)  انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته سائبر شيلڊ پاليسي سان اِي گورننس پاليسي نظام ۽ هيلٿ ڊيٽا کي مضبوط تحفظ ملندو. ڊجيٽل نيشن پاڪستان ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري جي همت افزائي ڪئي پئي وڃي. اهڙو اظهار هن سائبر سيڪيورٽي، سائبر شيلڊ پاليسي ۽ مستقبل جي موضوع تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته …

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي)  انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته سائبر شيلڊ پاليسي سان اِي گورننس پاليسي نظام ۽ هيلٿ ڊيٽا کي مضبوط تحفظ ملندو. ڊجيٽل نيشن پاڪستان ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري جي همت افزائي ڪئي پئي وڃي. اهڙو اظهار هن سائبر سيڪيورٽي، سائبر شيلڊ پاليسي ۽ مستقبل جي موضوع تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سائبر شيلڊ پاليسي پاڪستان جي ڊجيٽل تحفظ جو اهم سنگ ميل آهي. سائبر شيلڊ پاليسي جي جاري ٿيڻ سان پاڪستان جو ڊجيٽل دفاع نئين دؤر ۾ داخل ٿي چڪو آهي. نئين پاليسي سرڪاري ۽ نجي ادارن لاءِ متحده سيڪيورٽي فريم ورڪ فراهم ڪندي. هن چيو ته وڌندڙ ڊجيٽل خطرن کي نظر ۾ رکندي سائبر سيڪيورٽي جي اهميت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. سائبر شيلڊ پاليسي سان اِي گورننس مالياتي نظام ۽ هيلٿ ڊيٽا کي مضبوط تحفظ ملندو. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي ڀرپور تعاون ڪري رهي آهي، حق جي ويڙهه دوران نوجوانن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجي مهارت سان ملڪ جي ڊجيٽل سرحدن جو دفاع ڪيو ۽ جنگ کٽي، پوري دنيا اسان جي نوجوانن جي صلاحيتن جو اعتراف ڪيو ۽ هاڻ جديد ٽيڪنالاجي وارن ملڪن ۾ اسان جي ملڪ جو وقار بلند ٿيو. سائبر سيڪيورٽي قومي سلامتيءَ سان جڙيل معاملو بڻجي چڪو آهي. سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ نوجوانن لاءِ موقعا پيدا ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ هڪ ٻي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جو شعبو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي. آءِ ٽي جي شعبي ۾ وسيع سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن. ڊجيٽل نيشن پاڪستان جو مقصد ملڪ ۾ مڪمل ڊجيٽلائزيشن ڪرڻ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ذاتي طور تي ڊجيٽل ويزن جي نگراني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڊجيٽل نيشن پاڪستان ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. اي آءِ ڪمپنين ۽ پراڊڪٽس جي مدد لاءِ قومي مصنوعي ذهانت پاليسي آندي وئي آهي. هن چيو ته اسان نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ سهولتن جي فراهميءَ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. حڪومتي قدمن سبب آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ واڌ ٿي آهي.

مزید خبریں