سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان الجيريا جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان الجيريا جي سفير ڊاڪٽر براهيم روماني پارليامانيٽ هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ- الجيريا لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين الجيريا جي پارلياماني وفد جي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت تي سندن ٿورو مڃيو. ملاقات ۾ پاڪ- …

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان الجيريا جي سفير ڊاڪٽر براهيم روماني پارليامانيٽ هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ- الجيريا لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين الجيريا جي پارلياماني وفد جي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت تي سندن ٿورو مڃيو. ملاقات ۾ پاڪ- الجيريا تاريخي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو ويو. جڏهن ته اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڊاڪٽر براهيم روماني سينيٽ چيئرمين کي الجيريا جي سينيٽ جي صدر طرفان الجيريا جي دؤري جو دعوتنامو پيش ڪيو. سفير الجيريا جي قيادت جي پاڪستان سان تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ سينيٽ چيئرمين جي قائداڻين صلاحيتن جي ساراهه ڪئي. هن بين الپارلياماني سطح تي پاڪستان الجيريا تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں