وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ آزاد ڄمون ڪشمير جي ايڪشن ڪميشن سان ٿيل معاهدي تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن نيشنل هيلٿ سروسز وفاقي تعليم آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام، ايوي ايشن ڊويزن، مواصلات، اقتصادي معاملن واري ڊويزن، ناڻي ۽ رٿابندي سميت مختلف وفاقي …

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ آزاد ڄمون ڪشمير جي ايڪشن ڪميشن سان ٿيل معاهدي تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن نيشنل هيلٿ سروسز وفاقي تعليم آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام، ايوي ايشن ڊويزن، مواصلات، اقتصادي معاملن واري ڊويزن، ناڻي ۽ رٿابندي سميت مختلف وفاقي وزارتن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير انجنيئر امير مقام لاڳاپيل وفاقي وزارتن ۽ کاتن کي هدايت ڪئي ته هو معاهدي تي مڪمل ۽ فوري عملدرآمد يقيني بڻائين. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف واضح هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ هو پاڻ معاهدي تي عملدرآمد جي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي. انجنيئر امير مقام ٻُڌايو ته ايندڙ اجلاس جلد مظفر آباد ۾ ٿيندو. اسان آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام کي جلد خوشخبري ڏينداسين.

مزید خبریں