حيدرآباد-28 نومبر (اي پي پي)آرمي سليڪشن ۽ ريڪروٽمينٽ سينٽر حيدرآباد پڌرو ڪيو آهي ته قوم جي بقا، وطن جي حفاظت، ملڪي سلامتي ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ پاڪ فوج ۾ سپاهين جي ڀرتي جو عمل پهرئين ڊسمبر کان شروع ڪيو ويندو جيڪو 9 ڊسمبر تائين جاري رهندو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ريجن جي مختلف ضلعن ۾ نوجوانن جي رجسٽريشن ۽ ٽيسٽ جو شيڊيول پڌرو ڪيو ويو آهي جيڪو پهرئين ڊسمبر …
آرمي سليڪشن ۽ ريڪروٽمينٽ سينٽر حيدرآباد پاران پاڪ فوج ۾ سپاهين جي ڀرتي جو عمل پهرئين ڊسمبر کان شروع ڪيو ويندو: پڌرائي

مزید خبریں
حيدرآباد-28 نومبر (اي پي پي)آرمي سليڪشن ۽ ريڪروٽمينٽ سينٽر حيدرآباد پڌرو ڪيو آهي ته قوم جي بقا، وطن جي حفاظت، ملڪي سلامتي ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ پاڪ فوج ۾ سپاهين جي ڀرتي جو عمل پهرئين ڊسمبر کان شروع ڪيو ويندو جيڪو 9 ڊسمبر تائين جاري رهندو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ريجن جي مختلف ضلعن ۾ نوجوانن جي رجسٽريشن ۽ ٽيسٽ جو شيڊيول پڌرو ڪيو ويو آهي جيڪو پهرئين ڊسمبر تي سليڪشن سينٽر حيدرآباد جي ٽيم ڊي سي آفيس ٽنڊو محمد خان، 2 ڊسمبر تي ٽائون ڪميٽي ٽنڊو الهيار، 3 ڊسمبر تي ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ، 4 ڊسمبر تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بدين، 5 ڊسمبر تي ميونسپل ڪميٽي مٽياري، 8 ڊسمبر تي ميونسپل ڪميٽي شهيد بينظير آباد ۽ 9 ڊسمبر تي ڪوٽڙي ٽائون ڪميٽي ۽ سيوهڻ ٽائون ڪميٽي ۾ ٽيسٽ وٺي ڀرتيون ڪندي. آرمي ڀرتي سينٽر حيدرآباد جي ترجمان ڄاڻايو آهي ته ڀرتي جا خواهشمند اميدوار گهٽ ۾ گهٽ ميٽرڪ پاس هجن ۽ عمر ساڍن 17 کان ساڍا 22 سال هجڻ گهرجي، گريجوئيٽ يا ان کان وڌيڪ تعليم وارن اميدوارن کي عمر ۾ هڪ سال جي خاص رعايت حاصل هوندي. ٽيسٽ لاءِ ايندڙ اميدوار پاڻ سان گڏ اصلي تعليمي سرٽيفڪيٽ، ٻه عدد تصديق ٿيل فوٽو ڪاپيون، قومي شناختي ڪارڊ يا (ب) فارم والد جي ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ جي تصديق ٿيل فوٽو ڪاپي پاڻ سان گڏ آڻين. ترجمان جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل علائقن جا ڊوميسائل رکندڙ اهڙا اميدوار جيڪي حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهن اهي آرمي سيليڪش سينٽر حيدرآباد ۾ ئي پهرئين ڊسمبر کان 9 ڊسمبر تائين اچي ٽيسٽ ڏئي سگهن ٿا.











